ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )ڪراچي جي ضلعي اولهه جي مختلف ٿاڻن ۾ عورت پوليس اهلڪارن کي هيڊ محرر ۽ ڪرائم محرر جهڙن اهم عهدن تي مقرر ڪيو ويو آهي.
ايس ايس پي اولهه فرخ رضا موجب اهڙا قدم آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي حڪمن کنيا ويا آهن، ۽ ضلعي ي مختلف ٿاڻن ۾ ليڊيز اهلڪارن کي محرر ۽ ڪرائم محرر طور مقرر ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته عورت اهلڪارن کي اولهه ضلعي جي ٿاڻن ارونگي، مومن آباد، منگهو پير، پير آباد، پاڪستان بازار ۽ اقبال مارڪيٽ ۾ محرم ۽ ڪرائم محرر ۽ ڊيوٽي منشي طور مقرر ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي ليڊي پوليس اهلڪارن لاڳاپيل ٿاڻن ۾ جارچ سنڀاليندي ئي پنهنجا فرض انجام ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.
اخيارين جو چوڻ آهي ته عورت پوليس اهلڪارن کي محرر ۽ ڪرائم محرر طور مقرر ڪرڻ جو مقصد درخواست گذار متاثر عورتن کي پنهنجا مسئلا بيان ڪرڻ ۾ سولائي ۽ سهولت ڏيڻ آهي.