اين اي 240 دوران ڇڪتاڻ: سوين گرفتار، چار ڪيس داخل

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي تڪ اين اي 240 جي ننڍي چونڊ دوران ڇڪتاڻ وارين حالتن تي پوليس جي جاچ جاري آهي.

پوليس ذريعن جوچوڻ آهي ته پولنگ اسٽيشن نمبر 165 ۽ 166 تي معاملا خراب ٿيڻ شروع ٿيا، انهن ئي پولنگ اسٽيشنز مان پولنگ بُڪ گم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ٻه ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن اختيارين جي چوڻ تي داخل ڪيا ويا آهن، ٻه ڪيس پوليس پنهنجي فرياد ۾ داخل ڪيا آهن، 224 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، سي سي ٽي وي ۽ موبائيل ويڊيو ذريعي ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.