سنڌ ۾ بازارون، دڪان ۽ شاپنگ مال رات 9 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ حڪومت توانائي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪاروباري وقت محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪندي سڄي صوبي ۾ ڪاروباري وقت تبديل ڪري ڇڏيا آهن.

صوبائي گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ ڪاروباري سرگرميون رات نائين وڳي کانپوءِ جاري رکڻ ممنوع قرار ڏنو ويو آهي جنهن تحت رات 9 وڳي سموريون بازارون، دُڪان ۽ شاپنگ مالز بند ڪيا ويندا.

نوٽيفڪيشن موجب سمورا شادي هالز ساڍي ڏهين وڳي بند ڪيا ويندا جڏهن شاديءَ جا پروگرام به رات ساڍي ڏهين وڳي تائين ختم ڪرڻا پوندا.

نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هوٽلز، ريسٽورينٽس، ڪافي شاپس ۽ ڪيفي رات 11 وڳي بند ڪيا ويندا، جڏهن ته ميڊيڪل اسٽورز، اسپتالون، پيٽرول پمپس، سي اين جي اسٽيشنز، بيڪريز ۽ کير جي دڪانن تي اهو فيصلو لاڳو نه هوندو.

نوٽيفڪيشن موجب حڪومت توانائي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪاروباري وقت محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ نئين ڪاروباري وقت اڄ کان لاڳو ٿيندا جڏهن ته اهو فيصلو هڪ مهيني لاءِ ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.