نيب اڳوڻي واپڊا چيئرمين کي 20 جون تي ٻيهر گهرائي ورتو

لاهور( م ڊ) نيب اڳوڻي واپڊا چيئرمين کي 20 جون تي ٻيهر گهرائي ورتو، نيب تربيلا فور  پراجيڪٽ ۾  735 ملين ڊالر( 73 ڪروڙ 5 لک ڊالر) ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي چيئرمين مزمل حسين کي ٻيهر طلب ڪري ورتو آهي. اڳوڻو واپڊا چيئرمين مزمل حسين نوٽيس باوجود 6 جون تي نيب وٽ پيش نه ٿيو هو. 03

  • پي ٽي آءِ فنڊنگ ڪيس جو فيصلو مهيني اندر ٻڌائڻ جو حڪم رد

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ خلاف پابندي پيل فنڊنگ ڪيس جو فيصلو 30 ڏينهن ۾ ٻڌائڻ جو سنگل  بئنچ جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.پابندي پيل فنڊنگ ڪيس کي اڳ ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان فارن فنڊنگ ڪيس چيو ويندو هو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس بابر ستار تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ پي ٽي آءِ جي پابندي پيل فنڊنگ ڪيس بابت انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت 4 صفحن تي ٻڌل تحريري حڪم نامو جاري ڪندي پي ٽي آءِ جي اپيل جزوي طور تي منظور ڪري ورتي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو پهرين اپريل 2022 جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.عدالت انٽرا ڪورٽ اپيل هدايتن سان گڏ اڪلائي ڇڏي.عدالتي حڪم نامي ۾ اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اها ٻين جماعتن خلاف رڪيل ڪارروائي کي جلد کان جلد مڪمل ڪري.عدالت تحريري فيصلي ۾ لکيو ته اليڪشن ڪميشن تي شڪ جي گنجائش ناهي ته سڀني جماعتن سان هڪ جهڙو ورتاءُ ٿيندو.فيصلي ۾ وڌيڪ لکيو ويو آهي ته اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن سڀني جماعتن جا ڪيس مناسب وقت ۾ اڪلائيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.