ڪمرشل فيڊرن جي 4 ۽ ٽيوب ويلن جي 5 ڪلاڪ بجلي بندش جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) بجلي جي بچت لاءِ پاور ڊويزن وزارت وڏن قدمن جو فيصلو ڪندي سمري تيار ڪري ورتي آهي. پاور ڊويزن ذريعن موجب  سمري جي منظوري ڪابينا کان ورتي ويندي. سمري موجب سڄي ملڪ جي ڪمرشل  فيڊرن کي شام 7 کان رات 10 وڳي تائين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪمرشل فيڊرز تي ڏينهن جي وقت ۾ لوڊشيڊنگ نه ٿيندي. پاور ڊويزن ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪمرشل فيڊرز جي بندش سان 5 هزار ميگا واٽ بجلي جي بچت ٿيندي، شام 7 کان رات 11 وڳي تائين ٽيوب ويل جي فيڊرز جي بجلي به بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ٽيوب ويل وارا فيڊر بند  ٿيڻ سان 3 هزار ميگا واٽ بجلي جي بچت ٿيندي. ذريعن موجب انهن تجويزن جي هن هفتي ئي وزيراعظم ۽ ڪابينا کان منظوري ورتي ويندي. پاور ڊويزن ذريعن جو چوڻ آهي ته واپارين طرفان دڪان جلد بند ڪرڻ کان انڪار تي متبادل تجويزون تيار ڪيون ويون آهن.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.