سرحد ۾ اهلڪار تي زال جا ڌيئرو،وڪرو ڪرڻ جا الزام،انصاف لاءِ دانهون

سرحد ( ن ع آ ) سرحد پريس ڪلب ۾ لالچي مڙس رٽائرڊ پوليس اهلڪار طارق وسير جي ظلمن خلاف مسمات حليمه وسير، پنهنجي ڌيئرن سميران، مهڪ، سومن، سوهانه، پٽ گلشير، ۽ ٻين سان گڏجي احتجاج ڪندي دانهيو آھي ته لالچي قسم جو مڙس رٽائرڊ پوليس اهلڪار طارق وسير، ان جي ڀائرن ذوالفقار، شوڪت وسير، ۽ مائٽن نديم، شهمير، جاويد، ۽ ٻين اسانجي زندگي زهر ڪري ڇڏي آھي، لالچي مڙس طارق وسير منهنجي ٻن ڌيئرن سميران، ۽ مهڪ وسير کي پئسن عيوض وڪرو ڪري ڇڏيو آھي ۽ هاڻي ننڍي ڌيءَ  سومن کي به پئسن عيوض وڪرو ڪرڻ چاهي ٿو جنهن جي مزاحمت ڪرڻ تي هو جان جو ويري بڻجي ويو آھي، جنهن اسان کي مارڻ لاءِ حملو به ڪيو جنهن ۾ اسان معجزاني طور بچي وياسين، هاڻي به لالچي مڙس طارق وسير اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آھي، جنهن سبب اسان دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيون، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کي معاملي جو نوٽيس وٺي مڙس جي ظلمن کان نجات ڏيارڻ جي اپيل ڪئي آھي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.