ٽرانسپورٽرن جي به عوام تي لَٺ، ڀاڙا ٻيڻا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيٽرول ۽ ڊيزل جو اگهه وڌڻ کانپوءِ مهانگائي جي ماريل عوام کي ڌچڪو لڳي ويو، ڇو ته ٽرانسپورٽرن به ڀاڙن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.

حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ مسلسل واڌ عوام جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت وڃڻ کانپوءِ گڏيل حڪومت مان عوام بيزاري جو اظهار ڪري رهيو آهي.

گذريل رات حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ٽيون ڀيرو واڌ ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ ٽرانسپورٽرن به ڀاڙا وڌائي ڇڏيا آهن.

سنڌ جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي کان ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ گاڏين جي ڀاڙن وڏي پئماني تي واڌ ڪئي وئي آهي.

ڪراچي کان لاڙڪاڻي جو ڀاڙو 800 رپين بدران 1500 رپيا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته لوڪل پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ به 10 رپين تائين واڌ ڪئي وئي آهي.

ان حوالي سان ٽرانسپورٽ اڳواڻ مراد دراني جو چوڻ هو ته آئي ڏينهن پيٽروليم شين جو اگهه وڌي رهيو آهي، پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ کانپوءِ بچت گهٽ ٿي وئي آهي.

هوڏانهن ٽرانسپورٽ کاتي ڀاڙن ۾ واڌ جو ڪو نوٽيس ناهي ورتو ۽ عوام سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.