مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني تاثر ڏيڻ چاهين ٿا ته انهن کان وڏو بدمعاش ڪير ناهي: ٽي ايل پي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اڳواڻ مفتي غلام غوث بغدادي دعويٰ ڪئي آهي ته اين اي 240 ننڍي چونڊ دوران ٿيل ڇڪتاڻ ۾ انهن جي جماعت جا ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿيا آهن.

پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته فائرنگ اهو ڪندو آهي، جنهن کي شڪست نظر اچي رهي هجي، مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني جي موجودگي ۾ اهو سڀ ڪجهه ٿيو، ٻئي تاثر ڏيڻ چاهين ٿا ته انهن کان وڏو بدمعاش ڪير هوندو.

واضح رهي ته ڪراچي جي تڪ اين اي 240 ۾ ننڍي چونڊ دوران جهيڙي ۽ فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو آهي ۽ ڪيترائي زخمي پي ٿيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.