ايندڙ مهيني رٿيل ورلڊ گميز لاءِ پاڪستاني رانديگرن کي آمريڪي ويزائون نه مليون

ايندڙ مهيني رٿيل ورلڊ گيمز ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جي سنوڪر ۽ جوجسٽو پليئرز کي آمريڪي ويزائون حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيو آهي.

ايندڙ مهيني ورلڊ گيمز شيڊول آهي، سنوڪر ٽيم کي ويزا انٽرويو لاءِ هڪ سال کانپوءِ جي تاريخ ملي آهي، جڏهن ته جوجسٽو  ٽيم کي ويزا جي تاريخ ئي نه ملي سگهي آهي. سنوڪر اختيارين معاملي ۾ مدد لاءِ پرڏيهي وزارت سان رابطو ڪري ورتو آهي.

ان سلسلي ۾ پي بي ايس اي پرڏيهي وزارت کان مدد جي درخواست ڪئي آهي، پي بي ايس اي جي چيئرمين عالمگير شيخ خميس ڏينهن اسلام آباد ۾ وفاقي پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ ڊي جي آمريڪا مدثر ٽيپو سان ملاقات ڪئي، پرڏيهي وزارت جي عملدارن پي بي ايس اي کي ويزائن جي معاملي ۾ مدد جي خاطري ڪرائي آهي.

ورلڊ گيمز جا مقابلا ايندڙ مهيني ست جولاءِ کان سترنهن جولاءِ تائين آمريڪي رياست الاباما جي شهر برمنگهم ۾رٿيل آهن، ورلڊ گيمز ۾ انهن راندين جا مقابلا ٿيندا آهن جيڪي اولمپڪس جو حصو ناهن هوندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.