سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ تي قومي اسيمبلي ۾ احتجاج

اسلام آباد(م ڊ) پيپلزپارٽي جي ميمبر مير منور ٽالپر چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جو نوٽيس ورتو وڃي. ڪالهه اربع ڏينهن قومي  اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي مير منور ٽالپر چيو ته صحافين جي خلاف ڪا زيادتي ٿئي ته جمهوري حڪومت ان جو نوٽيس وٺي، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي ان سان ڪيترائي مسئلا آهن ان کي ڏٺو وڃي. اسپيڪر پاڻي معاملن واري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي ته ان معاملي کي ڏسي.پيپلزپارٽي جي ميمبر ڊاڪٽر مهيش ڪمار ڀارت ۾ نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخانا لفظن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته عالمي برادري ان جو نوٽيس وٺي، ڀارت ۾ اقليتن سان جيڪو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو ان جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ مڪمل بين المذاهب هم آهنگي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.