پاڪستان کي ساڍا 3 ارب ڊالر قرض واپسي ۾ ڇوٽ

اسلام آباد(م ڊ) گروپ 20 ملڪن جا قرض معطل ڪرڻ وارن قدمن تحت پاڪستان جي ذمي واجب الادا 3.688 ارب ڊالر جو قرض معطل ۽ ري شيڊول ڪري ڇڏيو آهي. اربع ڏينهن ان سلسلي ۾ اقتصادي معاملن واري وزارت ۾ عالمي ترقيءَ لاءِ جاپان جي ايجنسي جائيڪا، سوئٽزرلينڊ جي حڪومت ۽ حڪومتِ پاڪستان وچ ۾ گروپ 20 ملڪن جا قرض معطل ڪرڻ جي قدمن (ڊي ايس ايس آءِ) تحت معاهدن تي صحيح ٿي. اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق ۽ اقتصادي معاملن واري وزارت جي سينيئر عملدارن کانسواءِ جاپان ۽ سوئٽزرلينڊ جا سفارتي عملدار به موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.