ننگرپارڪر ويجهو آزاد اُميدوار کنڀجي ويو، صوبائي صلاحڪار تي الزام

ننگرپارڪر(رپورٽ:لياقت سمون) ننگرپارڪر تعلقي جي يوسي هاڙهو جي وارڊ نمبر 4 تي بيٺل آزاد اُميدوار جگسي ڪولهي حڪومتي ڌُر جي مخالفن هٿان کنڀجي ويو آهي،آزاد پينل جي سربراھ رئيس عبدالغني کوسو پاران وڏي وزير جي صوبائي صلاحڪار ويرجي ڪولهي تي اُميدوار کي اغوا ڪرڻ جو الزام هنيو آهي،اهڙي واقعي بعد ٻنهي ڌرين جي ماڻهن وچ۾ جهيڙي جو خدشو وڌي ويو آهي،اُنهي سلسلي ۾ يوسي ھاڙھو تي آزاد اميدوار تحت ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي بيٺل عبدالغني کوسو الزام ھڻندي چيو ته وزير اعلىٰ سنڌ جي خاص معاون ويرجي ڪولھي يوسي ھاڙھو جي وارڊ نمبر 4 جي ڪائونسلر جي سيٽ تي بيٺل اسانجي اميدوار جگسي ڪولھي کي ھٿيارن جي زور تي سندس پوليس گارڊن سان کڻائي گم ڪري ڇڏيو آھي،اسان جي آزاد اميدوار کي وزيراعلىٰ جي خاص معاون ويرجي ڪولهي زبردستي بندوق جي زور تي کڻي ايم پي اي قاسم سومري جي بنگلي تي کڻي آيا آهن رئيس غني خان کوسو چيو ته اسان جي ميمبر کي زبردستي کڻي ويا آهن ۽ پيپلزپارٽي وارا ھن وقت کان ڌانڌلي تي لھي آيا آهن اسان اليڪشن ڪميشن کي اپيل ڪنداسين ته ھي وزيراعليٰ جي خاص معاون پوليس جي زور تي اسان جا ميمبر کڻي وڃن  پيا ھنن جھڙي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي اسان پرامن آھيون اسان جي شرافت جو غلط فائدو نه وٺن اسان جي ميمبر کي زبردستي ڇپائي ويٺا آهن ھنن جا ماءُ پيءُ اسان سان رابطي ۾ آھن اگر ميمبر ھٿ کڻڻ چاھي ٿو اسان جي اڳيان آڻي ڏين ته باقي غريب کي بندوق جي زور تي ھٿ کڻائڻ پيا اسان ايم پي اي قاسم جي بنگلي تي وياسين ۽ چيو ته اسان کي ماڻهو اکين اڳيان آڻيو ته خبر پئي پر ھنن اسان کي جواب ڏئي ڇڏيو اسان آرمي چيف ۽ چيف جسٽس ۽ اليڪشن ڪميشن کي اپيل ڪنداسين ته ھي گھنڊا گردي آهي اليڪشن شفاف نٿي ٿئي پوءِ سليڪٽ ڪرائي ڇڏيو باقي جھموريت جي دعويدار جي اھيا غلط ھرقت آهي،هوڏانهن الزام هيٺ آيل وزيراعلىٰ جي خاص معاون ويرجي ڪولھي فون تي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته مون تي لڳايل الزام ڪوڙو آھي،آئون ايم پي اي قاسم سراج سومرو جي بنگلي تي ويٺل ھئس ته غني خان کوسو 40 ماڻھو وٺي مون تي حملو ڪري گارگند ڪئي آھي،آئون ڪراچي کان رات ننگرپارڪر پھتو آھيان.

  • يوسي جهنڊي مري تي چونڊ وڙهڻ لاءِ اميدوارن فارن جمع ڪرائي ڇڏيا

جهنڊومري (ن ع آ) جھنڊو مري تعلقي جي يوسي جهنڊومري تي ضلع ڪائونسل ميمبر لاءِ خان محمد ساند يوسي ميرآباد تي ضلع ڪائونسل ميمبر لاءِ ميرمحمدغلام عرف مير پپو ۽ يوسي ميرآباد تي چيرمين لاءِ  ميرسھيل خان ٽالپر  ميمبر  پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي  هڪ وڏي عوامي جلوس سان گڏجي آر او ٽنڊوالھيار وٽ نامزدگي فارم جمع ڪرايا تعلقه پريس ڪلب جھنڊومري ايٽ پيارو لنڊ  تي صحافين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي مير سھيل خان ٽالپر خان محمد ساند ۽  جعفر خان ساند چيو ته اسين عوام جي  خدمت کي فرض سمجهون ٿا ۽ عوام جي اسرار تي فارم جمع ڪرايا آھن جنهن ۾ پ پ پ طرفان  ٽڪيٽ مليل آھن ۽ اسان جي ماضي جي ڪارڪردگي کي ڏسندي عوام ۽ پارٽي اسان تي اعتماد ڪندي اڳيان آندو آھي اسان عوام جي خدمت کي پنهنجو فرض سمجهون ٿا ۽ اسان پنهنجي علائقي جي ماڻھن جي اڳ کان وڌيڪ خدمت ڪري عوام جي ڪيل اعتماد تي پورو لھنداسين ۽ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي مخالفن جون ضمانتون ضبط ڪرائينداسين.

  • ڪنڌڪوٽ ۾اميدوارن جو بااثر خلاف احتجاج

ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ بخشاپور ٽائون  ڪاميٽي جي وارڊن ۾ چونڊ وڙھندڙ اميدوارن پاران ڳوٺ جي بااثر وڏيري ۽  ساٿين جي ڌمڪين ۽ حراسان ڪرڻ واري عمل خلاف عبيد اللّٰه ڊومڪي، غلام عمر ڊومڪي، گلزار خان ڊومڪي، نواب رجب خان ڊومڪي، محمد اسحاق چاچڙ، عظيم اللّٰه ڊومڪي پريس ڪلب ۾ پر ھجوم ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان بخشاپور ۾ طاقتور بااثر وڏيري مير غالب حسين ڊومڪي ۽ ساٿين خلاف پھريون ڀيرو اسان اليڪشن ۾ حصور ورتو آھي جنھن تي ھو ڏمرجي اسان کي ڌمڪيون ڏيڻ حراسان ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آھي سري عام علائقي ۾ دھشت ڦھلائي رھيا آھن اسان جي اميدوارن جي حمايت ڪندڙن ۽ رشتيدارن امير تيمور ڊومڪي، جنيد خان ڊومڪي سيمت ٻين کي موتمار ڌمڪيون ڏياري رھيا آھن اسان کي انھن ماڻھن مان خطرو آھي اسان پنھنجي علائقي ۾ ڪنھن به وارڊ تي ورڪ نٿا ڪري سگھون اسان جي ماڻھن کي ڪو به نقصان پھتو ان جو ذميوار بااثر وڏيرو غالب حسين ڊومڪي، شاهه علي ڊومڪي، حنيف ڊومڪي ۽ سندس جا ساٿي ھوندا شھر جي عوام خوف ۾ ورتل آھي جيڪي سري عام حمايت به نٿا ڪري سگھن ھن پريس ڪانفرنس ذريعي اسين سنڌ حڪومت، اليڪشن ڪميشن، اعليٰ عدلیه کان مطالبو ڪريون ٿا ته صاف شفاف اليڪشن ڪرائڻ لاءِ بخشاپور ٽاؤن ڪاميٽي ۽ مختلف يونين ڪاؤنسلن ۾ جتي غالب حسين ڊومڪي ۽ اسان جي اميدوارن وچ ۾ مقابلو آھي اتي پاڪ فوج ۽ رينجرس مقرر ڪئي وڃي.

  • پ پ خيرپور کي ماڊل سٽي بڻايو ويو آهي: جمن سهتو

خيرپور(  س ر  )ميونسپل ڪاميٽي خيرپور جي وارڊ 18 تي پيپلزپارٽي طرفان جنرل ڪائونسلر جي اميدوار ،اڳوڻي ڊسٽرڪٽ بار جي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ محمد جمن سهتو چيو آهي ته پيپلزپارٽي عوام جي حقيقي پارٽي آهي، پ پ  ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي بينظير ڀٽو سميت ۾ شهيدن جو خون شامل آهي، اهڙن خيالن جو اظهار ايڊوڪيٽ محمد جمن سهتو پنهنجي آفيس ۾صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جيلاني ۽ ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه جيلاني جن جي ڪاوشن سان خيرپور ۾ تعليمي ادارن جو قيام رکي خيرپور کي تعليم جو شهربڻايو ويو، ميگا پروجيڪٽ ڏئي خيرپور کي ماڊل سٽي بڻايو ويو، اسپيشل اڪنامڪ زون سميت صنعتي پروجيڪٽن ذريعي خيرپور جي معيشت کي مضبوط بڻايو ويو، ايڊوڪيٽ محمد جمن سهتو چيو ته خيرپور ۾ پيپلزپارٽي حڪومتن رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن اهو ئي سبب آهي جو خيرپور جو عوام پ پ سان محبت ڪري ٿو، ايڊوڪيٽ محمد جمن سهتو چيو ته پ پ پ قيادت جو ٿورائتو آهيان جن اعتماد ڪري ،وارڊ 18 تي بلدياتي چونڊ ۾ جنرل ڪائونسلر جو اميدوار ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪيو، انشالله عوام جي ووٽ جي طاقت سان ڪامياب ٿي وارڊ 18 سميت خيرپور جي عوام جي خدمت ڪندس.

  • ڪنڌڪوٽ ۾پولنگ اسٽيشنز تبديل ڪرڻ خلاف احتجاج

ڪنڌڪوٽ (ڊ ر ) ڪنڌڪوٽ بلدياتي اليڪشن ۾ ضلعي انتظاميا پاران ھڪ جڳهه کان ٻئي جڳهه تي من پسندن جڳهن تي پولنگ  اسٽيشنون تبديل ڪرڻ واري عمل خلاف جمعيت علماء اسلام پاران مولوي شمس الدين ڀيري، مولوي خان ملڪ، مولوي جمال الدين اوڳاھي، سيد سھيل شاهه، مولوي محمد ابراھيم خاڪي، حافظ عرفان اللّٰه کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو ان موقعي تي سخت نعريبازي ڪندي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته حڪومت ڌر پاران پولنگ اسٽيشنون من پسندن جڳھن تي تبديل ڪري ڌانڌلي جي شروعات ڪئي وئي آھي ڊي سي سان ڳالھيون ٿيون جنھن ۾ ھن چيو آھي ته مان مجبور آھيان سي ايم جي حڪم تي پولنگ اسٽيشنون تبديل ڪيون ويون آھن جنھن مان ظاھر آھي ته سنڌ اندر حڪومتي ڌر مخالفن کي ھرائڻ لاءِ سازشون ۽ ڌانڌليون شروع ڪيون آھن جيڪڏهن پولنگ اسٽيشنون پراڻي جڳهن تي بحال نه ڪيون ويون ته انڊس ھاءِ وي ڌرڻو ھنيو ويندو.

  • پ پ جا وزير  خيرپور ۾ اليڪشن مهم پيا هلائن: امير گل ڪٽوهر

خيرپور( ڊ ر )يونين ڪائونسل شادي شهيد جي جنرل ڪائونسلر جي اميدوار ريٽائيرڊ پروفيسر امير گل ڪٽوهر پريس ڪلب خيرپور پهچي  صحافين اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته بلدياتي اليڪشن ۾  پيپلزپارٽي جا ايم اين اي ايم پي اي وزير مشير اليڪشن مهم ٿا هلائين پيپلزپارٽي جي صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ ايگريڪلچر کاتي ۾ نوڪرين جا اين پي آءِ ڊبليو کاتي ۾ 20 کان وڌيڪ ڪچا آرڊر ڏنا آهن جن ۾ عرفان هاليپوٽو،سيد دانش شاھ،نادر ڌاريجو،محرم هاليپوٽو ۽ ٻيا پڻ شامل آهن هن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چيف جسٽس آف سنڌ کان گھر ڪئي آهي ته نوڪرين جي ڀرتي پابندي مڙهي وڃي ۽ اليڪشن دوران ووٽن جي لالچ ۾ نوڪري جا ڏنل آرڊن رد ڪيا وڃن نه ته عدالت سان رجو ڪنداسين جنهن جي زميواري پيپلزپارٽي جي عهديدارن تي هوندي.

  • مانجهند  ۾ پ پ کي جهٽڪو، مختلف برادريون ايس يو پي ۾ شامل

مانجهند  (ن ع آ) مانجهند تعلقي جي يوسي شالماڻي جي ڳوٺ درگاھي سولنگي جي سولنگي برادري جي لکاڏنو سولنگي زين گل سولنگي چڀڙ سولنگي ڦل سولنگي ڇپر سولنگي مير ھزار سولنگي سميت ڳوٺاڻن ايس يو پي سربراه سيد جلال محمود شاه سان ملاقات ڪري  پ پ ملڪ اسد گروپ کي ڇڏي  ايس يو پي ۾ شموليت  جو اعلان ڪيوٻي طرف خاڻوٺ يوسي جي ڳوٺ عبدالغني بندواڻي کوسو جي رهواسين عنايت حسين کوسو چاڪر خان بندواڻي ڪريم داد بندواڻي بکر خان بندواڻي ڳوٺ فقيرداد کوسو جي رهواسين لياقت علي کوسو ۽ ٻين پ پ ملڪ اسد گروپ کي ڇڏي سيد جلال محمود شاه جي قيادت تي اعتماد ڪندي ايس يو پي ۾ شامل ٿي بلدياتي چونڊن ۾  سندس نامزد اميدوارن کي ووٽ ڏئڻ جو اعلان ڪيو

  • بخشاپور ۾ پولنگ اسٽيشنون تبديل، بڊاڻي پي ٽي آءِ جو احتجاج

بڊاڻي (ن ع آ )بخشاپور ۾ پولنگ اسٽيشنون تبديل ٿيڻ ڪري پي ٽي آءِ اڳواڻن جي آر او ۽ ڊي آر او خلاف پريس ڪانفرنس بخشاپور ۾ پي ٽي آءِ  اڳواڻن حنيف خان ڊومڪي. مير شاهه علي خان ڊومڪي، ناصر خان ڊومڪي پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هڻندي چيو ته ڊي سي ڪشمور، آر او ۽ ڊي آر او مخالف ڌُر سان ملي ڀڳت ڪري اسان کي هارائڻ خاطر بخشاپور ٽائون جون پولنگ اسٽيشنون چينج ڪيون آهن، جنهن ۾ ووٽرن کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ ۾ انتهائي تڪليف ٿيندي ۽ پولنگ اسٽيشنن تي آرمي يا رينجرز مقرر ڪرائي وڃي ڇو ته مخالف ڌُر ڌانڌلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ضلعي ڪشمور جي پوليس هنن سان ٻٽ بڻيل آهي ڪجهه ڏينهن پهريان امير تيمور ڊومڪي جي پروٽوڪول واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي جنهن ۾ هن کي چار پوليس موبائلون پروٽوڪول ۾ هيو، اليڪشن ڪميشن ۽ ڊي سي ڪشمور  فورن نوٽيس وٺي آر او ۽ ڊي آر او خلاف ڪارروائي ڪري بخشاپور ٽائون جون پولنگون ساڳي جڳهه تي سٽي ۾ رکيون وڃن ٻي صورت ۾ انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪيو ويندو.

  • پاڪستان تحريڪ انصاف ٿرپارڪر طرفان ورڪ تيز

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان پاڪستان تحريڪ انصاف ٿرپارڪر جي اڳواڻن ارباب خان صاحب توڳاچي، وڪيل  لجپت سوراڻي ۽ ٻين پاران پنهنجن اميدوارن کي کٽرائڻ لاء ورڪ مهم تيز ڪري ڇڏي آهي ۽ مختلف برادرين جي حمايت حاصل پڻ ڪري ورتي آهي، جڏهن ته مختلف ڳوٺن ڪپوسر، هوٿيئر، کارو بجير، لکميار ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون ويون جتي اڳواڻن جي پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو، ان موقعي تي ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي اڳواڻن ارباب خان صاحب توڳاچي، وڪيل لجپت سوراڻي ۽ ٻين چيو ته ٿر ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو پوکيل ٻج هاڻي ڦٽي ويو آهي ۽ ڀيل برادري سميت ٻيون برادريون پاڪستان تحريڪ انصاف سان گڏ آهن، هنن چيو ته پيپلزپارٽي جا اڳواڻ ۽ اميدوار پنهنجي شڪست ۽ تحريڪ انصاف جي حمايت ڏسي بوکلائجي فرضي بيلٽ پيپرن ۾ اسان جا نشان غلط ڇپرائي ڌانڌلي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي ۽ اهڙي طرح پولنگ اسٽيشنن کي تبديل ڪري من پسند عملو مقرر ڪيو پيو وڃي جيڪا بدترين ڌانڌلي آهي، هنن چيو ته اسان سڀاڻي(اڄ) اهڙي حڪومتي ڌانڌلي ۽ ڊي آر او ۽ آر اوز خلاف ڌرڻي جو اعلان ڪيل آهي عوام وڏي تعداد شرڪت ڪري، هنن چيو ته پيپلزپارٽي جا لٽيرا ۽ چور اوهان وٽ ڪوڙا دلاسا ۽ آرڊر کڻي لالچون ڏيئي رهيا آهن عوام انهن وٽ گهمراهه نه ٿئي.ڪپوسر ۾ مڪمل ڀيل برادري، ڳوٺ هوٿيئر ۾ راجپوت،  ڀيل ۽ ميگھواڙ برادري ۽ لکميار ۾ پڻ ڀيل ۽ ميگھواڙ برادري جي معززين وڏي تعداد ۾ ارباب گروپ تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪري مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو.

  • عوامي طاقت سان مخالفن کي عبرناڪ شڪست ڏبي: معظم عباسي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) جي يو آءِ بلدياتي اليڪشن جون تياريون تيز ڪري ڇڏيون، لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي پليٽ فارم تان  جمعيت علماءِ اسلام پنهنجي  چونڊ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون، ان سلسلي ۾ مختلف علائقن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون، جلسا ۽ معززين سان ملاقاتون پڻ ڪيون ويون ڳوٺ سچو بخش جاگيراڻي، وڪيا سانگي، کوسا ڳوٺ، ايوب ڪالوني، صديقي ڪالوني ۽ چنا محلا جو پڻ دورو ڪيو ويو جتي علائقي واسين ايم پي اي معظم علي خان عباسي، مولانا ناصر خالد محمود سومرو، يوسي هڪ جي چيئرمين اميدوار علي حسن ڏاهاڻي، طارق خالد محمود سومرو، يوسي ٽو جي چيئرمين اميدوار مير سڪندر علي مينگل، عبدالوهاب عرف پپن سومرو، مولانا طاهر خالد محمود سومرو، مولانا محمد الياس چنه، منصور علي ڏاهاڻي، غلام علي ڏاهاڻي, آصف علي مگسي ۽ ٻين مٿان گلن جي ورکا ڪري سندن جو استقبال ڪرڻ بعد کين اجرڪن جا تحفا پڻ ڏنا. مختلف هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته عوام جي طاقت سان 26 جون تي مخالفن کي عبرتناڪ شڪست ڏينداسين، جي يو آءِ پاران پنهنجي اتحادين سان گڏجي پيپلز پارٽي جو زبردست مقابلو ڪري اليڪشن کٽي ڏيکارينداسين. لاڙڪاڻي جا آفيسر پ پ جا وانگاري بڻيل آهن، اليڪشن جي مهم دوران پولنگ اسٽيشن تبديل ڪيون پيون وڃن، ڊي آر او، آر او  پ پ سان مليل آهن.

  •  فريدآباد يوسي جي پي ٽي آءِ اميدوارن پاران ريلي، فارم جمع

فريدآباد ( ن ع آ )فريدآباد  يونين ڪائونسل تي پي ٽي آء  پليٽ فارم تي چونڊ اليڪشن وڙھڻ لاء اميدوارن چيئرمين عبدالغفار ڏيرو  ،وائيس چئيرمين شاعر ممتاز خاصخيلي ـ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر اميدوار عبدالحنان ڏيرو ـ محمد بخش بروھي جنرل ڪائونسلرن نياز حسين چانڊيو ـ روشن ٻگھيو  محمد امين بروھي محرم رند ـ عامر سيلرو  پنهنجي پينل جي اميدوارن ميھڙ  اي آر او آفيس پھچي فارم جمع ڪرايا ـ ان موقعي تي يونين ڪائونسل فريدآباد  تي چئيرمين جي سيٽ تي اميدوار عبدالغفار ڏيرو ميڊيا اڳيان گروپ فوٽو ڪڍرائي وچن ڪندي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان اليڪشن ۾ مخالفن کي شڪست ڏينداسين ـ اسان ھر وارڊ تي کٽي اچي ڪاڇي جي عوام جي خدمت ڪنداسين يونين جي عوام پي ٽي آءِ پ سان گڏ آهي.

  • سڳيون ۾ چونڊ مهم ، پي ٽي آءِ اميدوارن پاران سرگرميون تيز

سڳيون (ن ع آ)  سڳيون ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بلدياتي اليڪشن ويجهو ايندي ئي تحريڪ انصاف جي اميدوارن ورڪ تيز ڪري ڇڏي ان  سلسلي ۾ اڄ پاڪستان تحريڪ انصاف تعلقي سوڀوديرو جي صدر ايڊوڪيٽ الطاف حسين ڀاڳت ۽ يونين ڪائونسل سڳيون تي پي ٽي آئي جي پليٽ فارم تان بيٺل اميدوارن ضلعي ڪائونسل ميمبر اختيار علي چنا، چيئرمين رحمان ڀنڀرو، وائيس چيئرمين غلام قادر چنا ۽ وارڊ نمبر هڪ جي جنرل ڪائونسلر بخشل ملاح ،وارڊ نمبر چار تي غلام حسين مشوري غلام قادر بروهي سڄي شهر اندر گهر گهر ۽ هر دوڪان تي وڃي علائقي جي ماڻهن سان ملي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي ان سلسلي ۾ ضلعي ڪائونسل ميمبر اختيار علي چنا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ اسان کي علائقي واسين سٺي موٽ ڏني آهي انشاءالله 26 جون اسان جي ڪاميابي جو ڏينهن آهي ماڻهو ٻين پارٽين جي ڪوڙن واعدن مان تنگ اچي چڪا آهن اسان پر اميد آهيون تہ هن ڀيري انشاءالله فتح اسان جي ٿيندي.

  • ٺل ۾ مڪاني چونڊ، جي يو آءِ جون سرگرميون تيز

ٺل (ن ع آ ) ٺل ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان سرگرميون هلندڙ آهن،ڪالهه ٺل ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 9 جي ڳوٺ ڪريم بخش گولو ۾ جي يو آءِ پاران ڪارنر گڏجاڻي ٿي گذري،جنهن ۾ جي يو آءِ ٺل جا  اڳواڻ سيد عبدالباسط شاهه،سيد مزمل شاهه،حامد مير گولو،قاري عبدالواحد صديقي،شفي محمد کوسو،مولوي علي حسن ٻرڙو،مولوي محمد قاسم سورمو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ميونسپل ڪاميٽي وارڊ 9 جي عوام کي اپيل ڪئي وئي ته جي يو آءِ جي نامزد اميدوار راجا ڪريم بخش گولو کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪيو وڃي.

  •  سيوهڻ ۾ مختلف پارٽين جي اميدوارن پاران فارم جمع

سيوھڻ(ن ع آ) مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاء سيوھڻ ميونسپل ڪاميٽي جي جنرل سيٽ جي اميدوارن پاران چونڊن جا فارم جمع ڪرائڻ جو  سلسلو ڪالھ آخري ڏينهن پڻ جاري رھيو جنهن ۾ يوسي بوبڪ مان پيپلزپارٽي طرفان چئرمين جي اميدوار مخدوم ضمير حسين عباسي, يوسي جھانگارا مان سيد شمن شاهه, جڏهن ته سيوھڻ جي معزز سياسي سماجي ۽ ڪاروباري شخصيت منظور احمد سومرو, شيعا عملاء ڪائونسل جي اميدوارن صفدر نجفي, منظور سولنگي ۽ ٻين ڌرين ۽ آزاد اميدوارن پاران آر او آفيس سيوھڻ پھچي پنھنجا نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا آهن. ان موقعي تي مخدوم ضمير حسين عباسي, منظور سومرو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڪيترن ئي اُميدوارن سکڻا فارم ورتا آهن ان آسري ۾ ته کين هٿ کڻايو ويندو انهن فارم جمع به ڪون ڪرايا آھي, پ پ نوجوان کي هٿي ڏئي عوام ۾ لاٿو آهي ان ڪري پيپلزپارٽي اميدوار اڪثريت سان ڪاميان ٿيندا.

  • جوهي ۽ واهي پانڌي ۾ٽڪيٽن جي ورهاست تان پ پ ۾ اختلاف

واهي پانڌي (ن ع آ) واهي پانڌي تعلقي جوهي ۾ پ پ پاران مڪاني چونڊن ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي 8 وارڊن سميت تعلقي جي 15  مان 14  يوسين جي چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ ضلعي ڪائونسل جي  اميدوارن جي نالن جو  اعلان، چونڊيل نمائيندن ۽ اڳواڻن ۾ ٽڪيٽن جي ورهاست تان اختلاف،بوزدار برادري ڇني يوسي مان آئوٽ، لنڊ برادري کي به ڪا خاص سيٽ نه ملي، رودناڻي برادري جا ڇني، لغاري برادري جي واهي پانڌي جي  چيئرميني جي اميدوار تان اختلاف، يوسي جوهي 2 تي به اختلافن سبب اميدوارن جو اعلان نه ڪيو ويو آهي.    پ پ تعلقي صدر عبدالمجيد جمالي، جنرل سيڪريٽري نقاد ٿهيم ۽ ٻين   ٽڪيٽن جي ورهاست ڪندي اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو. ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ هڪ ۾  پارٽي جي تعلقي اطلاعات سيڪريٽري جان محمد پهوڙ، 2 وارڊ ۾ صوبائي صلاحڪار ۽ لغاري برادري جي سردار ڊاڪٽر بنده علي لغاري جي ننڍي ڀاءُ علڻ خان لغاري، 3 وارڊ تي رٽائرڊ استاد ۽ اڳوڻي ڪائونسلر ظفر اللٰه ڏاهري، 4 وارڊ ۾ پ پ جي اڳوڻي تعلقي صدر مرحوم بشير ٿهيم جي پٽ مير مرتضيٰ ٿهيم، 5 وارڊ تي اڳوڻي ٽائون چيئرمين ۽ پ پ تعلقي صدر عبدالمجيد جمالي، 6 وارڊ تي ڪاغذ پٽ ڪليئر نه هجڻ سبب ايم اين اي رفيق جمالي جي ڀائٽيي ۽ جمالي برادري جي سردار ڏاتل خان جمالي جي پٽ پريل خان جمالي ۽ علي محمد جمالي مان ڪنهن هڪ کي فائنل ڪيو ويندو، يوسي ڇني تي منير خان جنگواڻي چيئرمين، وائيس چيئرمين غلام اڪبر رودناڻي ۽ ضلعي ڪائونسل تي باقر آلکاڻي اميدوار هوندا.يوسي ڪمال خان تي چيئرمين تي عرفان چنا، وائيس چيئرمين محرم جمالي ۽ ضلعي ڪائونسل تي ڊاڪٽر جان محمد سولنگي کي  پيپلزپارٽي پاران ٽڪيٽون ڏنيون ويون آهن..

  • سکر ۾ جي يو آءِ ۽ ايس يو پي ۾ اتحاد، جئي شاهه ۾ پاور شو

سکر (بيورو رپورٽ ) جي يو آءِ ۽ ايس يو پي جي اتحاد ۾ بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان جئي شاھ يوسي 9 جو پاور شو قريشي ڳوٺ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ مختلف پارٽين جا نمائندا به  شريڪ ٿيا جنهن ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ جگديش آهوجا صاحب .اسدالله کهڙو .سکر ڊويلپمنٽ الائينس جي چيئرمين حاجي جاويد ميمڻ .قوم پرست اڳواڻ غلام مصطفي ڦلپوٽو  .پي ٽي آءِ ضلع سکر جو صدر صوفي ظهير بابر .آغا هارون شاھ. آغا طاهر پٺاڻ.سينئر صحافي جي ايم حيدري. داوا خان ۽ ٻين دوستن شرڪت ڪئي هن پاور شو ۾ پي ٽي آءِ جي صدر صوفي ظهير بابر صاحب پي ٽي آءِ  يوسي 9 جي پينل کي جي يو آءِ  ۽ ايس يو پي جي حق ۾ دستبردار ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ۽ جي يو آءِ  يوسي 7 يوسي 1O ۽ يوسي ،11 ۾ پي ٽي آءِ  جي اميدوارن جي حمايت جو اعلان ڪيو اڳواڻن  چيو ته اڄ جي هن عظيم الشان ڪامياب جلسي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هاڻ عوام ڪنهن سان گڏ آهي عوام بيدار ٿي چڪي آهي انشاءُ الله جي يو آءِ  ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جو هي اتحاد ضرور ڪامياب ٿيندو،  اسان جئي شاھ يوسي 9 جي انسان دوست پينل جي چيئرمين مولانا عبيدالله ڀٽو ابن آزاد وائيس چيئرمين عيدن جاگيراڻي صاحب جنرل ڪائونسلر حقنواز حيدري سليم جاگيراڻي عبدالقيوم ابڙو ۽ ان جي پوري ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا ته انهن پنهنجي محنت سان عوام ۾ شعور پيدا ڪري انهن جاگيردارن خلاف بغاوت لاءِ تيار ڪيو آھي.

  • يونين ڪائونسل ڏيپارجا ۾ چونڊ چهچٽو، پ پ ۽ جي ڊي اي ۾ مقابلو

سيٺارجا (ن ع آ) تعلقي ٺري ميرواه جي يونين ڪائونسل ڏيپارجا ۾ 26 جون تي ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي اي جي اميدوارن ۾ ڪانٽي جو مقابلو, چار وارڊن تي مشتمل يونين ڪائونسل ڏيپارجا ۾ اميدوارن جي ووٽرن کي ووٽ ڏيڻ جا ايلاز جاري پيپلز پارٽي پاران يونين ڪائونسل ڏيپارجا ۾ چيئرمين لاء حاجي الهڏنو موجائي ۽ جي ڊي اي پاران چيئرمين لاء شاهد رسول چيما کي نامزد ڪيو ويو آهي ٻنهي اميدوارن يونين ڪائونسل ۾ ووٽرن ڏانهن ڊڪ ڊوڙ شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته ٻنهي پارٽين جي اميدوارن ۾ ڪانٽي جو مقابلو آهي ان حوالي سان پيپلز پارٽي جي حاجي الهڏنو موجائي ٻڌايو ته پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي پارٽي جو منشور عوام جي خدمت ڪرڻ آهي اسان اڳ به هتان جي عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ هاڻي به انهن سان هر وقت گڏ آهيون هن وڌيڪ چيو ته اڳ جيان هن ڀيري به مخالفن کي بري شڪست نصيب ٿيندي ۽ پيپلز پارٽي جا سڀئي اميدوار ڪامياب ٿيندا ٻئي طرف جي ڊي اي جي شاهد رسول چيما رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته پيپلز پارٽي غريبن جو رت چوسي رهي آهي اڳئي دور ۾ يوسي اندر ٽڪي جو ڪم نه ٿيو آهي يوسي جي سڄي بجيٽ پنهنجي آقائن وٽ پهچائي انهن کي راضي ڪندا رهيا آهن هاڻي وري ٻيهر اهي يوسي جي عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاء لٿل آهي پر هاڻي عوام سڀ ڪجه سمجهي چڪو آهي انهن کي هن ڀيري بري شڪست ڏينداسين.

  • بلڙي شاهه ڪريم ۾ پ پ اڳواڻن نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا

بلڙي شاهه ڪريم (ن ع آ) ٽنڊو محمد خان جي تعلقي  بلڙي شاھ ڪريم جي يو سي سيدپور ٽڪر تي ٽنڊو محمد خان جي ناليواري سياستدان سابق صوبائي وزير جھنگلي جيوت سيد قبول محمد شاھ جي فرزند سابق ضلعي  چيئرمين سيد محمد سعيد عرف ذيشان شاھ اميدوار برائي ضلعي ڪائونسل، ميمبر سيد شير يزدان شاھ اميدوار برائي چيئرمين يونين ڪائونسل ، محمد عثمان سومرو اميدوار برائي وائيس چيئرمين ۽ بلڙي شاھ ڪريم جي يو سي قبول پور تي سيد حاجي محمد ڪامل شاھ اميدوار برائي ضلعي ڪائونسل ميمبر حاجي محمد ابراهيم ڪاتيار اميدوار برائي چيئرمين مير حسن سولنگي اميدوار برائي وائيس چيئرمين پ پ جي سوين جيالن سان گڏ جي اليڪشن آفيس ٽنڊو محمد خان پھچي بلدياتي اليڪشن جا فارم جمع ڪرائي ڇڏيا ان موقعي تي سيد ذيشان شاھ، سيد حاجي محمد ڪامل شاھ ۽ حاجي محمد ابراهيم ڪاتيار صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسان عوام جي خدمت تي يقين رکون ٿا اسان گذريل بلدياتي اليڪشن ۾ عوام اعتماد تي پورا لٿاسين ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي يو سي سيدپور، قبول پور ۽ ضلعي ٽنڊو محمد خان جي عوام کي رليف ڏينداسين. ضلعي چيئرميني جي دور ۾ پيپلزپارٽي جي قيادت سان گڏجي رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ضلعي ٽنڊو محمد خان مان ڪرپشن ۽ منشيات جو مڪمل خاتمو آڻينداسين ان موقعي تي وڏيرو حاجي آمون ڪاتيار قاضي غلام مصطفيٰ سولنگي عبدالقيوم سولنگي سيد محسن شاھ موسوي وڏيرو خدا بخش سٺيو وڏيرو محمد چانھيو پڻ موجود ھئا.

  • ڏوڪري ۾ چنه  ۽ لاشاري برادري جا معزز پ پ ۾ شامل

ڏوڪري  ( ن ع آ ) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ چڪرو ۾ پيپلزپارٽي جي اميدوار براءِ ضلعي ڪائونسل  علي ڏنو خان گاڏهي،  نظر محمد گاڏهي،  نياز حسين گاڏهي،  فدا حسين گاڏهي جي مان ۾ لاشاري ۽ چنا برادري پاران ڪارنر  گڏجاڻيون ڪوٺايو ويو. ڪارنر گڏجاڻي ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل تعلقي صدر مولوي غلام اصغر لاشاري، منور علي لاشاري، نياز لاشاري، عبدالرزاق لاشاري ۽ لاشاري برادري پاران جي ڊي اي کي الوداع ڪري  علي ڏنو خان گاڏهي جي هٿ تي پ پ  ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. هوڏانهن شمن چنو، برڪت چنو، همٿ چنو ۽ چنا برادري پاران به جي ڊي اي کي الوداع چئي پ پ ۾ شامل ٿي ويا. ان موقعي تي علي ڏنو خان گاڏهي ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي چيو ته لاشاري برادري ۽ چنا برادري کي پ پ ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار ڪيون ٿا. پ پ جا اميدوار بلدياتي اليڪشن ۾ ڏوڪري تعلقي ۾ ڪلين سوئپ ڪندا، ان موقعي تي يار محمد گاڏھي، ارباب علي جمالي، طالب جمالي، زاهد علي جمالي ۽ ٻيا موجود هئا.

  • پني عاقل لڳ پ پ اميدوارن ورڪ تيز ڪري ڇڏي

پنوعاقل ( رپورٽ: رستم انڍڙ  ) پنوعاقل جي يوسي بائجي شريف ۾ پ پ  جي اميدوارن پنهنجي يونين ۾ اليڪشن مھم جو آغاز تيز ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ ڳوٺ مکي گجرباگڙي ۾ مختلف برادرين پاران ڪارنر گڏجاڻي، ڳوٺ ڀنگر ڳوٺ، پنجو ڪلھوڙو ،ڳوٺ ليمون جوڳي، ڳوٺ لالوماڪو، ڳوٺ ھارڻ ورند سميت مختلف علائقن ۽ ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪري  عوامي رابطا مھم  جا پروگرام تيز ڪري ڇڏيا، ان سلسلي۾  ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر جو اميدوار حافظ رفيق احمد سومرو چيئرمين اميدوار عزيز الله ڀٽو وائس چيئرمين اميدوار اصغرڪلھوڙو ۽ پارٽي جو سينيئر اڳواڻ عبدالرزاق ڌاريجو  خطاب ڪندي پ پ اڳواڻ رفيق احمدسومرو چيو ته بلدياتي اليڪشن ۾ ووٽ ڏيڻ مھل بيٺل اميدوارن کي ڀيٽي ووٽ ڏجي ته ڪھڙو ماڻھون توهان جي ڏکي سکي ۾ ڪم اچي ٿو توھان وٽ پھچي ٿو اسين ھر وقت پنهنجي يوسي جي عوام سان پاڻ ملھايو آھي عوامي موٽ مان پيپلزپارٽي اميدوارن جي جيت يقيني آھي ان موقعي تي آزاد اميدوار محسن ماڪو پيپلزپارٽي ڪائونسلر جي حق ۾ ھٿ کڻي ڇڏيو.

  • ميرپورساڪرو: پ پ قيادت اميدوار  منظر عام تي نه آڻي سگهي

ميرپور ساڪرو (ن ع آ) ميرپور ساڪرو تعلقي جي 14 يونين ڪائونسلن ۽ ٻن ٽائون ڪاميٽين تي نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ جي آخري ڏينهن  تي اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرايا پيپلزپارٽي قيادت اميدوارن کي منظر عام تي آڻي نه سگهي يونين ڪائونسل سکپور گھگھي سمڪي ڪرمپور  غلام الله دٻو ڪڪڙانڊ کڳاڻ ۽ ٻين توڙي ٻن ٽائون ڪاميٽين تي وڏي انگ ۾ نامزدگي فارم جمع ڪرايا پيپلزپارٽي قيادت اميدوارن کي فائينل نه ڪرڻ سبب پيپلزپارٽي جي سامهون پينل وائز نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا بلدياتي اليڪشن  24 جولائي تي ٿي رهي آهي جنهن لاءِ چونڊ ماحول عروج تي پھتل آهي پيپلزپارٽي ۾ اندروني اختلافن سبب تعلقي ميرپور ساڪرو ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ سخت مقابلن جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن.

  • مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلي جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي: ايس يو پي

ڪراچي (پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پيپلزپارٽي سرڪار پاران پنهنجي اميدوارن جي چونڊ مهم لاءِ حڪومتي وسيلا استعمال ڪرڻ ۽ مخالف ڌر  جي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ بغير ڪنهن سبب جي رد ڪرڻ واري عمل کي افسوس ناک  ۽ عوام جي اظهار آزادي تي ڌاڙو هڻڻ برابر قرار ڏئي چيف اليڪشن ڪميشن آف سنڌ کان فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي. سنڌ يونائيٽيڏ پارٽي جي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ پري پول ڌانڌلي جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي. سنڌ ۾ حڪمران جماعت حڪومتي مشينري کي استعمال ڪندي چونڊ قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، پيپلزپارٽي جي زور تي سنڌ ۾ ڌانڌلي جون سازشون ڪيون ويون آهن. اسان جي اميدوارن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. هن چيو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي صوبائي حڪومت جي بلدياتي چونڊن ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت کي قبول نه ڪندي،ضلعي انتظاميا، آر اوز ۽ ڊي آر اوز مڪاني ادارن جي چونڊن کي شفاف بڻائڻ بدران صوبائي حڪومت جي پارٽي عهديدارن جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن،هن چيو ته پ پ جا اهم اڳواڻ مبينا طور سرڪاري وسيلا استعمال ڪري پنهنجن ويجهن مائٽن ۽ عزيزن کي پارٽي ٽڪيٽون ڏئي ڪامياب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن کي فوري طور نوٽيس وٺڻ گهرجي. سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر عوام جي راءِ کي تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. سنڌ ۾ هڪ سازش تحت دهشت، خوف ۽ عدم استحڪام جو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي.

  • آريجن ۾ پ پ اڳواڻن کي آجياڻو، مختلف ڳوٺن ۾تقريبون

خير محمد آريجا ( رپورٽ: سيد عطا محمد شاهه   ) خير محمد آريجا ٽائون جي مختلف ڳوٺن ۽ وارڊن ۾ پ پ اڳواڻ طارق انور سيال،  پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻو ايم اين اي نظير احمد خان ٻگهيو، پ پ اڳواڻ محمد علي امر خان ٻگهيو، پ پ اڳواڻ غلام مرتضي ٻگهيو ۽ ٻين جون آريجا ۾ کوهارا برادري  جي لقمان کوهارو، امتياز کوهارو، محمد سليمان کوهارو ۽ ٻين طرفان ڏنل آجياڻو تقريب ۾ پ پ اڳواڻن جي شرڪت ڳوٺ پنجوديرو ۾ پ پ جي ڪارڪن عبدالقادر مگسي ۽ ٻين طرفان ڏنل آجياڻو تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي، ڳوٺ جهنڊو سھڙو ۾ وارڊ نمبر 3 ۽ وارڊ نمبر 4 جي بيٺل اميندوارن احمد بخش سھڙو ۽ محمد اويس سھڙو طرفان ڪوٺايل ڪارنر گڏجاڻي ۾ پ پ اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي  پ پ اڳواڻ سيد شفقت حسين شاهه، امداد علي سنديلو، سهيل سنديلو ،سيد هدايت ﷲ شاھ، طحه عرف سني آريجو ، وڏيرو حزب ﷲ آريجو، خالد سيف الله آريجو، محسن آريجو، الطاف تونيو ،نظار ٻرڙو ، شفا آريجو، شاهنواز سنديلو ،سيد فيصل شاہ، قربان شيخ، ديدار جتوئي، آفتاب ظفر سيال، خادم شيخ، ۽ ٻين پ پ ڪارڪنن ۽ شهرين توڙي ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي طارق انور سيال ۽ محمد علي امر خان ٻگهيو خطاب ڪندي چيو ته انشاءَ الله 26 جون 2022 جي بلدياتي چونڊن ۾ پ پ اميندوار ئي ڪاميابي حاصل ڪندا.

  • مٽياري: مختلف وارڊن تان نوجوان اليڪشن وڙھڻ لاءِ پراميد

مٽياري (ت ر) مٽياري ۾ بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان سرگرمين ۾ تيزي اچي وئي مٽياري جي نوجوان فيضان علي خاصخيلي ٽائون ڪميٽي مٽياري جي وارڊ نمبر 7 تان پنھنجو نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيو، ٽائون ڪميٽي مٽياري جي مختلف وارڊن تي نوجوان اليڪشن وڙھڻ لاءِ پراميد وارڊ نمبر 7 تي سينئر صحافي منير احمد خاصخيلي جي نوجوان پٽ فيضان علي خاصخيلي پنھنجا نامزدگي فارم جمع ڪرائي اليڪشن ۾ ميدان ڪري ورتو آهي.

  • مشهور راڳي مانجهي فقير طرفان جي ڊي اي اميدوارن جي حمايت

شاھپورچاڪر (ن ع آ)شاھپورچاڪر ڀرسان ٻرھون ۾ سنڌ جو مشھور صوفي راڳي ماجھائي تنظيم جي اڳواڻ صوفي مانجھي فقير بوداڻي  مڪاني چوندن ۾ جي ڊي اي جي بيھاريل اميدوارن جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو اھڙو اظھار پنھنجي ڳوٺ ٻرھون ۾ تر جي بااثر زميندار غلام الله خان سنجراڻي، سميع الله سنجراڻي ۽ مشھور قومپرست اڳواڻ اسماعيل وساڻ جي آڏو اعلان ڪندي چيو ته ھن تر لاءِ سنجراڻي برادريءَ جي شرافت ،سياسي و سماجي خدمتون آھن جنھن کان متاثر ٿي پنھنجي صوفياڻي تنظيم سميت جي ڊي اي جي بيھاريل اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرائينداسين انھئ موقع تي يونين ڪاؤنسل ٻرھون جي چيئرمين جي اميدوار رئيس سميع اللہ سنجراڻي سندس ٿورا مڃيندي چيو ته اسان ڪاميابٿي تر جي ماڻھن جي خدمت ڪنداسون.

  • جيڪب آباد ۾ من پسند پولنگن ۽ عملي جي مقرري، احتجاج

جيڪب آباد (ڊر ) جمعيت علماءِ اسلام پاران من پسند پولنگن ۽ عملي جي مقرري جي خلاف مرتضي ڪالوني جيڪب آباد کان ھڪ احتجاجي مظاهرو ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، مولانا عندالجبار رند، مولانا عبدالوحيد، وارڊ 4 جي اميدوار صيفل گوپانگ ۽ وارڊ 21 جي اميدوار عابد علي سٻايو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍيو ويو. وڏي تعداد ۾ شھرين ۽ ڪارڪن شھر جي مختلف رستن تان ٿيندي موچي بستي روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري ۽ ٻين چيو ته ضلعي جيڪب آباد جي بلدياتي اليڪشن ۾ يوسي لوگي، شيرواھ، توج، دين پور ۽ ٻين جاين تي پري پول رگنگ ڪئي وڃي ٿي. سنڌ حڪومت من پسند ڀوتارن جي چوڻ تي 70 سالن کان قائم پولنگن اسٽيشنن کي تبديل ڪري ڀوتارن جي اوطاقن تي رکيون ويون آهن. ڌانڌلي خلاف عوام ۽ شھري جي يو آءِ جي جهنڊن ۽ ڏنڊن سان تيار رھن. وڌيڪ گلاب ماڇي م ڪارنر گڏجاڻي کي مقررين خطاب ڪندي چيو ته ڪتاب سان علم ۽ روشني حاصل ٿيندي آھي. ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ ڪامياب ٿيڻ کان بعد ھاڻي سنڌ ۾ به ڪتاب جو راڄ ٿيندو. مزدور، ھاري ۽ محنت جي بنياد تي مسئلا ڪنداسين. ان موقعي تي سوين ماڻهن ڪتاب کي ووٽ ڏيڻ جو عھد ڪيو.

  1. باهو کوسي ۾ مڪاني چونڊ، پ پ اميدوار سرگرم

باهو کوسو ( رپورٽ: باسط مرهيٽو  ) يوسي لوگي ۾ پ پ پاران ضلعي ڪائونسل جو نامزد اميدوار   مير غضنفرعلي خان جکراڻي،  چيئرمين جو  اميدوار مير داد محمد خان کوسو جي چونڊ مھم جي سلسلي ۾ مختلف ڳوٺن حاجي  نبي بخش عيساڻي، خاوند بخش کوسو، تاج محمد کوسو، نجم دين جروار، غلام رسول مرهيٽو،  ٺڪر سندراڻي، وريام نوناري، گلاب بنگلاڻي،  عبدالحميد کوسو،  يار محمد گولو، وفادار سندراڻي، ولي داد سندراڻي، پير بخش کوسو ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪوٺائي آجياڻا رکيا ويا،  ڳوٺاڻن پاران ڏنل آجياڻن ۾ شرڪت ڪري ڀرپور موٽ ڏني آهي، ان موقعي تي يوسي ملوئي جو بنامقابلي ڪيامياب ٿيل  چيئرمين عادل خان جکراڻي يوسي لوگي جو مير داد محمد نانا کوسو، وائيس چيئرمين مظفر حسين جروار، نور محمد عيساڻي، عبدالواحد عيساڻي، صدام خان عيساڻي، تاج محمد خان کوسو ، يار محمد خان کوسو دلدار خان کوسو، ايان خان کوسو،  گل حسن عيساڻي سميت  پڻ شرڪت ڪئي، ڪارنر گڏجاڻين ۽  آجياڻن ۾ ڳالهائيندي پ پ  يوسي لوگي چيئرمين جي اميدوار مير داد محمد خان کوسو، يوسي ملوئي چيئرمين عادل خان جکراڻي ۽ ٻين چيو ته  پ پ  عوامي پارٽي آھي  جيڪا عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ يقين رکي ٿي  غضنفر علي خان جکراڻي ۽  مير داد محمد نانا کوسو عوام دوست شخصيت آهن  ھنن  ھميشه عوام جي خدمت ۽ مسئلن جي حل ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آهي کين پڪ آهي ته سندن خلاف ڪوبه ووٽ نه ويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.