ٽنڊي الهيار ويجهو سرفراز واهه مان نوجوان جو لاش هٿ

ٽنڊوالهيار (ڊ ر) ٽنڊوالهيار ۾ ماڇي هوٽل ويجهو سرفراز واه مان نوجوان جو لاش هٿ.  واه ۾ لاش لڙهندي ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو.  بي سيڪشن پوليس پهچي لاش واه مان ڪڍائي ٽنڊوالهيار جي سول اسپتال آندوـ  پوليس موجب سرفراز واه مان ملندڙ لاش کي ڪڍرائي سول اسپتال منتقل ڪيو جنهن جي سڃاڻپ 30 سالا موٽيو کوسو ٽنڊوڄام لڳ ڳوٺ قيصر خان کوسو طور ٿي وئي آهي. نوجوان جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي. مبينا طور ٻڌايو وڃي ٿو ته نوجوان پنهنجي سهرن ۾ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ منهن ڌوئڻ دوران سرفراز واه جي ڪپر تي مرگهي جو دورو پوڻ سبب واه ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.