رهڙڪي جا مغوي آزاد نه ٿيا، پوليس ناڪام، ڀنگ طلب، ڌرڻو

ڏهرڪي/ ماٿيلو ( نمائندن وٽان ) ڏهرڪي ويجهو رهڙڪي مان 27 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل صحافي ظھير سومرو جي ڀاءُ نصير سومرو ،سوٽ صدام سومرو ۽ سندن دوست عاقب سميجو اڃان تائين  ڌاڙيلن وٽ قيد پوليس بيوس ڌاڙيلن پاران پنجاهه لک رپين جو ڀنگ طلب ايس ٽي پي جي سڏ تي نٽهڻ اس ۾ پنجن ڪلاڪن تائين ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو دودو سومرو آرگنازيشن پاران ڀنگ جي رقم گڏ ڪرڻ لاءِ ڪشڪول کڻي پني رقم ايس ايس پي گهوٽڪي کي ڏيڻ جو اعلان ڌرڻي کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي جي مرڪزي وائس چيئرمن ڄام عبدالفتاح سميجو وڪيل اڳواڻ غلام رسول مهر سماجي ڪارڪن مڪيش لال مينگواڙ خليل سومرو ڪمال مهر چيو ته ايس ايس پي گهوٽڪي اظهر مغل جي امن امان قائم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ويو آهي،  نصير سومرو صدام سومرو ۽ عاقب سميجو کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا آهن پر پوليس هن وقت تائين مغوي بازياب نه ڪرائي سگهيو آهي،.  ڌاڙيلن پنجاهه لک رپيا ڀنگ گهريو آهي سندن وارث غريب آهن ڀنگ ڪٿان آڻيندا هنن چيو ته پوليس جو ڪم امن قائم ڪرڻ آهي پر جڏهن کان موجوده ايس ايس پي اظهر مغل آيو آهي بدامني جي باهه ٻري رهي آهي ڌاڙيل ماڻهو اغوا ڪن ٿا پر هاڻي ته پيسا ڀتو پهچائڻ لاءِ فونون به ڪن ٿا، ٻئي پاسي ڌرڻي دوران ڊي ايس پي ميرپور ماٿيلوراڻو نصر الله ايس ايس پي جي نمائندگي ڪندي مظاهرين کان پنجن ڏينهن جي مهلت گهري ورتي مظاهرين آجي سنڌ ڊي آجي سکر ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي کي پنجن ڏينھن جي مهلت ڏني واضع ڪيو  ته اگر ٽيئي مغوي پنجن ڏينهن ۾ بازياب نه ڪرايا ويا ته  اسين آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ  جي آفيس اڳيان ڪراچي جي آڏو ڌرڻو هڻندا سون  ايم اين اي  خالد احمد لنڊ ۽ ايم پي اي عبدالباري پتافي کان ڌاڙيلن آڏو بيوس بڻيل ايس ايس پي گھوٽڪي اظھر مغل جي بدلي ڪرائڻ جي گھر ڪئي ته جيستائين اھو ايس ايس پي رھندو پوري ضلعي جو امن امان خراب رھندو ۽ ضلعي گھوٽڪي ۾ ائين ئي ھتان جا مقامي ماڻھون اغواه ٿيندا رھندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.