خيرپور ۾عورت جو پوليس خلاف احتجاج، پاڻ ساڙڻ جو چتاءٌ

خيرپور( ڊ ر )خيرپور اي سيڪشن ٿاڻي جي حد سائده ڳوٺ جي رهواسڻ شبانه زال محمد صادق پنهنجي معصوم ٻارڙن سان عوامي  آواز آفيس پهچي آفيس اڳيان اي سيڪشن پوليس خلاف احتجاج ڪندي ۽ روئيندي ٻڌايو ته ٻه مهينا اڳ منهنجي ڏير خلاف اي سيڪشن ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل ٿيو هيو جنهن واقعي جي اي سيڪشن  ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ٿي ان ايف آءِ آر ۾ منهنجي مڙس محمد صادق المعروف برف والا جو نالو بيگناھ ڏنو ويو آهي جنهن واقعي سان اسان جو ڪونه واسطو ناهي ۽ ڪجھ وقت اڳ منهنجي مڙس پنهنجي ڀاءُ ڪالو کان لاتعلقي ڪري ڇڏي هئي ۽ اسان جو ڪالو سان ڪوبه واسطو ناهي پوليس واقعي کان بيخبر رکي 3 مهينن کان پوءِ منهنجي مڙس کي گرفتار ڪري لاڪئپ ڪري ڇڏيو آهي اسان مسڪين ۽ غريب آهيون مزدوري ڪري کائيندا آهيون منهنجو مڙس کي لاڪپ ۾ بند ڪيو ويو آهي ۽ ٻچڙا بک تي گھر ۾ تڙپي رهيا آهن هن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن منهنجي مڙس کي آزاد نه ڪيو ويو ته مان پاڻ کي ٻارن سميت ايس ايس پي آفيس اڳيان باھ ڏئي ساڙي ڇڏيندس هن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي کان مٿين حقيقت قران پاڪ تي انڪوائري ڪرڻ جي گھر ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.