80 فٽ اونهي کوهه ۾ ڪِرندڙ نينگر کي 104 ڪلاڪن کانپوءِ جيئرو ڪڍيو ويو

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ 80 فٽ اونهي کوهه ۾ ڪرندڙ 11ورهين جي گونگي ۽ ٻوڙي نينگر راهول ساهو کي 104 ڪلاڪن جي ريسڪيو آپريشن کانپوءِ جيئرو ڪڍيو ويو.

ڀارت جي رياست ڇٽيهه ڳڙهه جي ضلعي جنگجير جي مقامي ڳوٺ ۾ 10 جون تي 11 ورهين جو راهول ساهو گھر ٻاهران کيڏندي 80 فٽ اونهي کوهه ۾ ڪري پيو هو.

نينگر کي کوهه مان ڪڍڻ لاءِ 5 ڏينهن تائين ريسڪيو آپريشن جاري رهيو ۽ 400 کان وڌيڪ رضاڪارن امدادي ڪمن ۾ حصو ورتو.

رپورٽن موجب گذريل رات 11 ورهين جي راهول کي جيئرو ڪڍيو ويو ۽ هو تقريبن 104 ڪلاڪ کوهه ۾ ڦاٿل رهيو.

نينگر ڪمزوري ۽ اسڪن انفيڪشن جي ڪري اسپتال جي انتهائي ڳڻتي جوڳي وارڊ ۾ علاج هيٺ آهي.

رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نينگر کي کوهه ۾ پائپ لائن ذريعي آڪيسجن پهچائي وئي ۽ ماهرن جي ٽيمن ڪيمرائن ذريعي نينگر تي نظر رکي.

ٻئي پاسي ڀارتي رياست ڇٽيهه ڳڙهه جي وڏي وزير اسپتال جو دورو ڪيو ۽ نينگر جي عيادت ڪئي.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ افغانستان جي صوبي زابل ۾ 6 ورهين جو ٻارڙو کوهه ۾ ڪِري پيو هو پر 4 ڏينهن جي ريسڪيو آپريشن کانپوءِ به ٻار نه بچي سگهيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.