بجيٽ ۾ ڪو نئون ٽيڪس ناهي لڳايو پر رليف ڏنو آهي: سنڌ جو وڏو وزير

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان کي خبر آ ماڻهو وڏين ڏکيائين ۾ آهن، گذريل سال جيان هن سال به بجيٽ ۾ ڪو نئون ٽيڪس ناهي لڳايو پر ٽيڪس ۾ رليف ڏئي رهيا آهيون.

ڪراچي ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي بجيٽ هڪ کرب 713 ارب رپيا آهي، آءِ ٽي سيڪٽر ۾ ننڍين صنعتن جو ٽيڪس 13 سيڪڙو مان گھٽائي 3 سيڪڙو ڪيو آهي.

هن چيو ته بجيٽ ۾ ترقياتي رٿائن لاءِ رڪارڊ حصو رکيو ويو آهي، ڪاٽن فيس، انٽرٽينمنٽ ٽيڪس، نين آءِ ٽي ڪمپنيز تي ٽيڪس 10 سيڪڙو گھٽ ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته 75 سيڪڙو اسيمبلي ميمبر سنڌ بجيٽ مان خوش آهن، ڊنل ماڻهو صبح جو هڪ ۽ شام جو ٻيو ڳالهين ٿا، جيڪڏهن ائين اسيمبلي هلائڻي آهي ته اسان هلائڻ نه ڏينداسين، ايندڙ مالي سال رڪارڊ ترقياتي اسڪيمون رکيون وينديون.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جمهوري طريقي سان اڳوڻي وزيراعظم کي ڪڍيو ويو، هي ماڻهو سموري ملڪ مان رد ٿي ويا آهن، اسيمبلي ۾ ڪالهه واري ٿيل واقعي جي مذمت ڪريان ٿو.

سيد مراد علي شاهه چيو ته تحريڪ انصاف ميمبرن بجيٽ ٻڌڻ جي خاطري ڪرائي هئي، سامهون بيهڻ، پوسٽر آڻڻ سان مون کي ڪو فرق نٿو پوي، منهنجي سامهون انهن جا ماڻهو گوڙ سان گڏ گارگند تائين پهتا، پوءِ حملا ڪيا ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.