اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي اثاثن جا تفصيل جاري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن پارليامينٽ ميمبرن جي سال 2021 جي اثاثن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.

اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل تفصيلن موجب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اثاثن جي ماليت 14 ڪروڙ 21 لک رپيا آهي، عمران خان وٽ زمان پارڪ لاهور ۽ ميانوالي ۾ وراثتي گهر آهن، بني گالا ۾ ان جو تحفي ۾ مليل 300 ڪنال جو گهر آهي.

اليڪشن ڪميشن موجب عمران خان جي بني گالا گهر جي واڌ اڏاوت تي هڪ ڪروڙ 14 لک رپيا خرچ آيا، زمان پارڪ گهر جي اڏاوت تي 4 ڪروڙ 86 لک رپيا خرچ آيا، عمران خان وٽ ڀڪر ۾ ٽي وراثتي ملڪيتون به آهن.

تفصيلن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عمران خان طرفان گرينڊ حيات ٽاور ۾ ٻن اپارٽمينٽس لاءِ هڪ ڪروڙ 19 لک رپيا ايڊوانس ڏنل آهي، عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي پاڪ پتن هنڌ مانيڪا ۾ 52 ڪنال زمين جي مالڪياڻي آهي، بشريٰ بي بي هنڌ پير غني پاڪ پتن ۾ 379 ڪنال ايراضي جي به مالڪياڻي آهي.

اليڪشن ڪميشن موجب بشري بي بي جي اوڪاڙا ۾ 267 ڪنال ايراضي آهي، جڏهن ته هوءَ بني گالا ۾ 3 ڪنال تي ٻڌل گهر جي به مالڪياڻي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.