عمران خان پارٽي جي وسيع تر مفاد ۾ قيادت تان هٿ کڻي: اڪبر ايس بابر

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ميمبر اڪبر ايس بابر چيو آهي ته فارين فنڊنگ ڪيس ۾ جلد فيصلو متوقع آهي، عمران خان پارٽي جي وسيع تر مفاد ۾ قيادت تان هٿ کڻي، ڪارين رڍن کي پارٽيءَ مان نيڪالي ڏئي پارٽي حقيقي ڪارڪنن جي حوالي ڪئي وڃي. تحريڪ انصاف کي 2011ع بعد هاءِ جيڪ ڪيو ويو، پارٽي ساک کي بچائڻ لاءِ عمران خان انتشار جي سياست ختم ڪري. اڱاري ڏينهن اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان ڪجهه ڏينهن ۾ پنهنجا دليل مڪمل ڪنداسين، اسان پاڪستان جي تاريخ جي هڪ وڏي جنگ وڙهي آهي، ان جا بهتر نتيجا نڪرندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.