سنڌ ۾ مڪاني چونڊ: 946 اميدوار بنامقابلي ڪامياب

ڪراچي(رپورٽر) صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن پهرين مرحلي وارن 14  ضلعن  ۾  946 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن. چونڊن ۾  ٽن رنگن جا بيلٽ پيپر ستعمال ٿيندا. پهرين مرحلي جون تياريون مڪمل ٿي ويون آهن ۽ ٻئي مرحلي ۾ ڪراچي,  حيدرآباد ۽ ٻين ضلعن ۾ چونڊون ڪرائڻ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. اين اي 240 ڪورنگي ۾ ننڍي چونڊ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، اڄ سامان پولنگ اسٽيشن تي پهچايو ويندو. عامر لياقت جي وفات سبب خالي ٿيندڙ تڪ تي ننڍي چونڊ 11 آگسٽ کان اڳ ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.