خيرپور ۾ چنه برادري جي گهرن تي ڪاهه سامان ڦر، سکر ۾ احتجاج

سکر( رپورٽر) خيرپور ۾ سيال برادري جا بااثر ڏوهاري پوليس کان ڏاڍا بڻجي ويا، چنا برادري جي گهرن تي ڪاهه ۽ ڍورن جي چوري واري مامري جو تدارڪ نه ٿيو، پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪاري، متاثرن جو احتجاجي،  پوليس اختيارين کان نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف جي گهر، ان سلسلي ۾ خيرپور ضلعي جي ڳوٺ محمد چنا سان واسطو رکندڙ چنا برادري جي متاثرن بخشل چنو، لعل بخش چنو، فدا حسين چنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو آهي ته ڪجهه وقت اڳ سيال برادري جي بااثر جوابدارن دلي جان سيال ۽ ٻين اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري هٿيارن جي زور تي 5 مينهيون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو هو پيش آيل واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پوليس وٽ وياسين ته پوليس پاران رشوت عيوض بااثر جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته علائقي جي چڱن مڙسن وٽ دانهه کڻي وڃڻ جي صورت ۾ سيال برادري جي جوابدارن اسان جي گهرن مٿان ٻيهر چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻايو آهي هنن چيو آهي ته اسين غريب آهيون ڪو به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي پوليس سميت سيال برادري جي چڱن مڙسن ۽ علائقي جي نيڪ مردن وٽ به وياسين پر ڪنهن به اسان جي دردن جو درمان ناهي ڪيو، هنن چيو آهي ته سيال برادري جا ماڻهو ڏوهاري آهن ۽ ڪيترن ئي ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل آهن سنڌ پوليس کي للڪاريندڙ جهرڪي تيغاڻي کي پڻ سيال برادري جي ٿاڪ تان گرفتار ڪيو ويو هو، هوءَ ڏوهاري هجڻ سان گڏوگڏ پاٿاريدار پڻ آهن جن مان هر وقت جاني ۽ مالي نقصان جو خطرو آهي، هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، وزير اعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان اپيل ڪئي آهي ته پيش آيل واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي عمل ۾ آڻي کين تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.