راڌڻ ڀرسان پاڻي کوٽ خلاف انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون

راڌڻ (ن ع آ)رائيس ڪئنال ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف سوين آبادگارن پاران انڊس هاءِ وي بند ڪري  نٽھڻ اس ۾  ٽن ڪلاڪن تائين  احتجاج جاري رکيو ٽن ڪلاڪ تائين احتجاجي ڌرڻو جاري رکيو . جڏهن ته ڌرڻي واري هنڌ ميھڙ ايريگيشن ايس ڊي او ظهوراحمد بوزدار‘ ڊي ايس پي ميهڙ‘ ايس ايڇ او‘ ٿرڙي   ڌرڻي واري هنڌ پهچي آبادرگاراڳواڻ ارشاد چانڊيو‘ مزدرو اتحاد جي اڳواڻ انعام کوسو۽ٻين  سان ڳالهيون ڪيون ايريگيشن ايس ڊي او آبادگار کي يقين ڏياريندي چيو ته چيف انجنيئرسان پاڻي بابت ڳالهه ٿي جنهن چيوته ٻن ڏينهن ۾ رائيس ڪئنال ۾ پاڻي جو ڇوڙ ڪيو ويندو آبادگارن پاران ٻن ڏينهنن جي مهلت ڏني ۽ ٻئي صورت ۾ ٻيهر انڊس هاءِ وي بند ڪرڻ ۽ايريگيشن جي عملدارن خلاف ڪورٽ ۾ وڃڻ جو چتاءِ ڏنو جڏهن ته ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد انڊس هاءِ وي کوليو ويو ۽ سوين ڪراچي ۽لاڙڪاڻي کان ايندڙ ويندڙگاڏيون بحال ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.