ڪراچي مان کنڀيل پورهيت جو پتو نه پيو، احتجاج

گلشن اقبال (ن ع آ)ڪراچي جي علائقي گلشن معمار مان پنج جون جو رات هوٽل تان ڪم کان واپسي تي ماجد اوڳاهي کي ڪار ۾ سوار  سول ڊريس ۾ ھٿياربند هٿيارن جي زور تي کنڀي ويا جنهن جو پتو اڃا تائين ناهي پئجي سگهيو,ماجد اوڳاهي جي وارثن طرفان انڊس پريس ڪراچي آڏو احتجاج ڪندي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي صحافين سان  ڳالهائيندي ماجد اوڳاهي جي  والد چيو ته منهنجو پٽ هوٽل تي ڪم ڪندو آھي رات جو گهر ايندي سيول ڊريس ۾ ھٿياربند هٿيارن جي زور تي ڪار ۾ کڻي هليا ويا آھن جنهن جو اڄ ڏينهن تائين ڪو به پتو ناهي پئجي سگهيوماجد اوڳاهي جي پير سن والد آرمي چيف,چيف جسٽس سپريم ڪورٽ چيف جسٽس سنڌ ھائي ڪورٽ کي اپيل ڪندي چيو نوٽيس وٺي  منهنجي پٽ کي آزاد ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.