پنجاب حڪومت طرفان اسپيڪر پرويز الاهي کي هٽائڻ جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي کي هٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز شريف جي صدارت هيٺ پارٽي سيڪريٽريٽ ماڊل ٽائون ۾ مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ اڄ پيش ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ٿي جڏهن ته مخالف ڌر طرفان بجيٽ روڪڻ جي امڪان تي قانوني ماهرن سان پڻ صلاح مشورو ڪيو ويو.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آءِ جي پنجاب ۽ چيف سيڪريٽري کي اڄ به اسيمبلي ۾ پيش نه ڪيو ويندو.

ن ليگ جي وزيرن چيو ته اپوزيشن  چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي کي سڏائي کين بيعزت ڪرڻ گهري ٿي، ماڊل ٽائون ڪيس ۾ به ائين ئي ٿيو هو هاڻي پوليس جو مورال ڊائون نه ٿيڻ ڏينداسين.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پرويز الاهي کي هٽايو وڃي ۽ 17 جولاءِ تي ننڍي چونڊ کٽي گهربل ايم پي ايز پورا ڪري اسپيڪر کي گهر ڀيڙو ڪري نئون اسپيڪر آندو وڃي.

هواڏنهن مخالف ڌر به آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب کي ايوان ۾ پيش ڪرڻ ۽ معافي وٺڻ جي مطالبي تي ڄمي بيٺي آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.