ايف اي ٽي ايف اجلاس، پاڪستان جي گري لسٽ مان نڪرڻ جو امڪان

اسلام آباد (م ڊ) فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) جو اجلاس سڀاڻي کان جرمني جي راڄڌاني برلن ۾ شروع ٿيندو، 17 جون تائين جاري رهڻ واري اجلاس ۾ پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان ڪڍڻ جو امڪان آهي. ياد رهي ته ايف اي ٽي ايف پاڪستان جو نالو جون 2018 ۾ گري لسٽ ۾ وڌو هو ۽ پاڪستان کي 29 نقطن تي عمل درآمد جو چيو هو، اهي نقطا مني لانڊرنگ روڪڻ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ سميت گڏيل قومن طرفان قرار ڏنل دهشتگرد تنظيمن خلاف ڪيس قائم ڪري انهن خلاف پابنديون لاڳو ڪرڻ بابت هئا.پاڪستان 2019 ۾ 27 مان 26 نقطن تي عمل ڪري ورتو هو پر وڌيڪ ست نقطن تي عمل ڪرڻ جو چيو ويو هو، پاڪستان 2021 ۾ 7 مان 6 نقطن تي به عمل درآمد ڪري ورتو. گذريل حڪومت جي دور ۾ ايف اي ٽي ايف جي ايڪشن پلان تي تيزي سان عمل درآمد ڪيو ويو ۽ ايف اي ٽي ايف جي گذريل اجلاس ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي جي ساراهه به ڪئي وئي هئي پر گري لسٽ مان نالو نه ڪڍيو ويو. ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف اي ٽي ايف جي هاڻوڪي اجلاس ۾ پاڪستان جو نالو بليڪ لسٽ ۾ وجھڻ لاءِ نٿو اماڻي سگھجي، ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان ترڪي، چين ۽ ملائيشيا جا ووٽ گھربل آهن، انهن ٽنهي ملڪن پاڪستان کي پنهنجي ڀرپور حمايت جي خاطري ڪرائي آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.