تانيا خاصخيلي جو ڪيس وڙهڻ لاءِ ڀيڻ تيار،جدوجهد جو اعلان

ڪوٽڙي (رپورٽ:جبار ڪابورو) ماءُ جي وڇوڙي جو درد کڻي دعا خاصخيلي پنهنجي ڀيڻ شهيد تانيا خاصخيلي جي ڪيس جي پيروي ڪرڻ لاءِ پنهنجي ننڍي ڀاءٌ ۽ پاسبان پاڪستان جي ٽيم سان گڏ ڄامشورو جي عدالت ۾ پهچي وئي. دعا خاصخيلي عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته پنج سالن کان انصاف جي اوسيئڙي ۾ عدالتن جا پنڌ ڪندي امڙ بهہ موڪلائي وئي پر انصاف نه مليو.هن چيو ته بابا بيمار ۽ ڀاءُ ننڍڙو آهي پر پوءِ به ان اميد سان آئي آهيان ته انصاف ضرور ملندو ۽ شهيد ڀيڻ جا قاتل ڦاهي جي ڦندي تي پهچندا. هن چيو ته اسين هر حاضري تي اچون ٿا پر جوابدار ڌر جا وڪيل ڄاڻي واڻي نه ٿا اچن، سڀ گواهيون ۽ شاهديون ٿي ويون آهن فقط ٻن گواهن جي نه اچڻ ڪري ڪيس جو فيصلو نه ٿو اچي، روپوش جوابدارن کي به پوليس گرفتار نه ٿي ڪري.هن چرو ته عدالت جوابدار کي پيش ڪرڻ جا ليٽر جاري ڪيا آهن، ڏسون ڇا ٿو ٿئي، ڀيڻ جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ تائين جدوجهد جاري رکنديس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.