ڪي پي جي1332 ارب رُپين جي بجيٽ، پگهارن ۾ 16 ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ

پشاور( م ڊ) خيبرپختونخواه حڪومت طرفان 13 سئو 32 ارب رُپين جي ماليت واري بجيٽ پيش، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾  16 ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو ويو آھي.  ڪي پي اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير دوران ناڻي جي وزير تيمور سليم جهگڙا چيو آهي ته وفاق کان تيل ۽ گئس رائلٽي جي مد ۾ 31 ارب رُپيا ملندا .ھن چيو تھ ڪي پي ۾ ضم ٿيل قبائلي علائقن جي خرچ جو ڪاٿو 223 ارب رُپيا لڳايو ويو، تيمور سليم جهگڙا بجيٽ کي خوددار بجيٽ جو نالو ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ آئي ڏينهن مهانگائي ۾ وڌي رهي آهي، حڪمران ملڪ نٿا سنڀالي سگهن ته اقتدار ۾ ڇو آيا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.