سردار چانڊيو کي نوٽيس جاري، عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم

لاڙڪاڻو (ڊ ر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو ۾ ميهڙ واقعي ڪيس ۾ نامزد پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ ايم پي  اي برهان چانڊيو طرفان گرفتاري کان اڳ داخل ضمانت وارين درخواستن جي ٻڌڻي ٿي، جتي ام رباب چانڊيو پنهنجي وڪيل صلاح الدين پنهور سميت پيش ٿي. جسٽس عمر سيال جي عدالت پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اُم رباب چانڊيو چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سردار چانڊيو، برهان چانڊيو ۽ علي گوهر چانڊيو جي ضمانت وارين درخواستن جي ٻڌڻي هئي، هڪ ڪورٽ جو جج اوچتي هڪ هفتي جي موڪل تي روانو ٿي ويو، تنهن ڪري اتي اسان جو ڪيس نه هلي سگهيو ۽ ٻي ڪورٽ ۾ عدالت سردار چانڊيو جي ضمانت واري ڪيس ۾ نوٽيس جاري ڪندي کيس 27 جون تي طلب ڪري ورتو آهي. هن چيو ته اسين پراميد آهيون ۽ ضرور سردارن کي جيل جي سلاخن جي پويان ڏسنداسين، ڇاڪاڻ ته منهنجي گهر جا ٽي وڏا ڀاتي شهيد ڪيا ويا آهن، مون وڏي تڪليف ڪاٽي آهي. هن چيو ته اسين هنن سردارن کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته توهان اسان کي جهڪائي نه ٿا سگهو، اسين عدليه مان پراميد آهيون ۽ آئون چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي گذارش ڪنديس ته هو نوٽيس وٺي مون کي انصاف ڏيارين، پنجن سالن کان انصاف نه ملڻ عدليه جي نظام تي پڻ هڪ وڏو سواليه نشان آهي، هي سوال آءُ سنڌ واسين آڏو به رکڻ چاهيان ٿي مون کي هر ٻيون ٽيون ماڻهو چوي ٿو ته اوهين عدالتن ۾ ڪيسن جي پيروي نه ڪيو ڇاڪاڻ توهان کي انصاف نه ملندو پر آئون اها عزم کڻي بيٺي آهيان ۽ انشاءَ الله اسان کي ضرور انصاف ملندو ۽ اسان ثابت ڪنداسين ته عدالتون انصاف ڏين ٿيون پر عدالتن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اسان چاهيون ٿا ته جلد کان جلد فيصلو ڏنو وڃي مون ڪڏهن به اها گهر ناهي ڪئي ته منهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو وڃي منهنجي گُهر اِها آهي ته عدالتون فيصلو ڏين، مون کي خبر آهي ته جڏهن عدالت فيصلو ڏيندي ته انشاءَ الله ضرور انصاف ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.