ڄامشوري ۾پاڻي کوث خلاف ميونسپل جي گيٽ اڳيان ڌرڻو

ڄامشورو( ڊ ر ) ڄامشورو شهر ۾ پاڻي جو بحران برقرار آهي، گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان شهرين پاڻي جي ڌڪ لاءِ پريشان آهن، پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف ڄامشورو يوٿ الائنس جي سڏ تي شهري روڊن تي نڪري آيا، ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڄامشورو /ڏسو صفحو 2 ڪالم 8 ٽائون ڪميٽي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.  ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن سيد ساجد شاھ، مير ناريجو  شلوا چيئرمين ڪامريڊ جوشيلو سنڌي، ساگر عالماڻي، اين بي کوسو، اڪرم مصراڻي، حبيب الله آمڙو، منظور سيتائي ۽ ٻين چيو ته ڄامشورو شهر ۾ گذريل هڪ مهيني کان پاڻي سپلاء بند آهي شهري سراپاء احتجاج بڻجي هر روز ڌرڻا هڻن ٿا پر ٽائون توڙي ضلعي انتظاميا جي ڪن جي جونء ئي ڪان ٿي سري, هنن چيو ته ڄامشورو ٽائون ڪاميٽي ۾ ايڊمنسٽريٽر اصغر ڀنڊ جي مقرري بعد شهر انيڪ مسئلن جي ور چڙي ويو آهي ڄامشورو شهر دريا جي ڪپ تي آهي تنهن هوندي به هتان جا ماڻهو پاڻي ڍڪ لاء پريشان آهن, هنن چيو ته  ٽائون ايڊمنسٽريٽر جي ڪرپشن سبب شھر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو ھٿرادو بحران پيدا ڪيو ويو آھي، ھنن اعلي’ اختيار کان مطالبو ڪيو آھي ته شهر ۾ پاڻي کوٽ خلاف نوٽيس وٺي ڪرپٽ ايڊمنسٽريٽر اصغر ڀنڊ کي فوري ھٽائي شھر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراھمي کي يقيني بڻايو وڃي ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.