برادري جا ماڻهو ۽ ايس ايڇ او ڌمڪائي ٿو: خادم سومرو

رتوديرو ( ن ع آ )  رتوديرو تعلقي جي يونين ڪائونسل طيب 3 وارڊ 2 تي مڪاني چونڊن ۾ جميعت علماءِ اسلام پاران جنرل ڪائونسلر جي  سيٽ تي بيٺل اميدوار  خادم حيسن سومرو جي يو آءِ جي مقامي قيادت مولانا عبدالغفار جويو ، مولانا طارق سومرو ، مولانا محمد مراد مارفاڻي ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مون کي منهنجي برادري جا ماڻهو ايس ايڇ او محمد ابراهيم ، صابر سومرو ۽ انهن جا ٻيا ساٿي پريشان ڪري رهيا آهن مون کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن مون اهڙو اطلاع پنهنجي اعليٰ قيادت سان گڏ  پ پ جي قيادت کي به ڏنو آهي هن چيو ته مون کي چونڊون وڙهڻ ڏنيون وڃن پر هي قرآن پاڪ کڻي اچي منهنجي گھر پهتا آهن ۽ هٿ کڻڻ جي لاءِ زور رکيو آهي پر مون هنن کي هٿ کڻڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو هو، جنهن بعد هنن مون کان زبردستي هڪ درخواست تي صحيح ورتي آهي هن چيو ته مان  پ پ وارن جي خوف کان پنهنجي ڳوٺ ڀانڊو قبو مان ڀڄي رتوديرو ۾ هڪ مدرسي ۾ رهان ٿو هن اليڪشن ڪميشن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ۽ مون کي مڪاني چونڊ وڙهڻ جو حق ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.