کوکرا پار ۾ ماستري جا آرڊر ورهائڻ واري تقريب

کوکراپار (ن ع آ) آءِ بي اي پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن ۾ نوڪرين جي آرڊر جي ورھاست ڪرڻ جي تقريب ڊي اي او آفيس ۾ معنقد ڪئي وئي ، جنهن ۾ ڊي اي او سيڪنڊري سراج ميمڻ ڊي اي او پرائمري ملير سڪندر گبول ،ٽي اي اوز ۽ ٻين آفيسر سميت ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي 185 پاس استادن ۾ آفر ليٽر ورهايا ويا ان موقعي تي ڊي اي او پرائمري پنهنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو ته نئين گريجويٽ استادن جي اچڻ سان تعليمي نظام انتهائي مضبوط ٿيندو ۽ تعليمي نظام ۾ بهتري ايندي سنڌ سميت ملير جي تعليمي معيار کي هٿي ملي آھي ٻارڙن ۾ تعليمي شعور ۾ وڏو فرق پوندو هنن نئين استادن کي خطاب ڪندي چيو ته پنهنجون صلاحيتون استعمال ڪندي پنهنجي علائقي ۾ تعليمي نظام وڌيڪ بهتر ڪري علم جي روشني پکيڙيندا ۽ ملڪ قوم جو مستقبل جي معمارن کي باڪردار باشعور  بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ اڳڀرا ٿيندا سنڌ حڪومت جي ڪوشش رهي آهي ته صوبي ۾ تعليمي نظام ۾ بهتري آڻي ملڪ وقوم جي خدمت سچي دل سان ڪئي وڃي تنهن ڪري حڪومت تجرباتي طور صوبي ۾ تعليمي ايمرجنسي لڳائي پنهنجي حڪمت عملي تحت 50 هزار استادن کي ڀرتي ڪري رهي آھي جنهن سان بيروزگاري به ختم ٿيندي ۽ صوبي ۾ باصلاحيت استاد تعلمي نظام کي بهتر بڻائڻ لاء اهم ڪردار ادا ڪندا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.