نوابشاهه ۾جهميل شاخ جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

نوابشاھه (ڊ ر) جھيمل شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن پاران زرعي پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف مريد کوسو، ستار رند، محمد پناھ رند، حبيب الله  رخشاڻي، علينواز کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽئين ڏينھن بہ نوابشاه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي ان موقعي تي آبادگارن چيو ته اسان پڇڙي جي آبادگارن جو گذريل 6 مھينن کان پاڻي بند آھي، جڏھن ته فصل سڪي تباهه ٿي رھيو آھي، زمينون سڪي بنجر ٿي ويون آھن، جڏهن ته ايريگيشن کاتي جا عملدار منڍ جي من پسند آبادگارن کي رشوت عيوض پاڻي ڏئي اسان جي شاخ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آھي، ھنن چيو ته اسان مسلسل ھڪ مھيني کان احتجاج ڪري رھيا آھيون ليڪن اسان جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي، ھنن مطالبو ڪيو ته جھيمل شاخ ۾ پاڻي ڇڏيو ويو ته جيئن اسان پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي ملي سگھي ٻي صورت ۾سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.