راکي سانوت کي امير ترين بواءِ فرينڊ ملي ويو، اداڪارا خوش

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا راکي ساونت کي پنهنجي مڙس رتيش کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ هڪ ٻيو پيار ملي ويو ۽ سندس نئين پيار جو نالو عادل خان دراني آهي.

راکي ساونت هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو ته سندس نئين پارٽنر عادل خان هن کي ملاقات ٿيڻ کانپوءِ پهرين ئي مهيني دوران دبئي ۾ هڪ خوبصور گھر ۽ هڪ بي ايم ڊبليو ڪار تحفي ۾ ڏئي ڇڏي آهي، عادل هن کي شادي جي آڇ به ڪئي آهي.

پنهنجي بواءِ فرينڊ بابت ڳالهائيندي راکي چيو ته عادل جو تعلق ميسور سان آهي، هو گھڻو وڻندڙ ۽ وفادار انسان آهي.

سندس موجب رتيش کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ ذهني دٻاءَ جو شڪار ٿي وئي هيس، پوءِ خدا کي مون تي ايترو پيار آيو جو هن منهنجي زندگي ۾ عادل کي اماڻي ڇڏيو، عادل بي ايم ڊبليو ڪار جي تحفي سان گڏ مون کي پرپوز ڪيو ۽ اها ئي هڪ ڇوڪري جي خواهش هوندي آهي.

راکي ان موقعي تي اهو به ٻڌايو ته عادل خان گاڏين جو ڪاروبار ڪندو آهي، ان کانسواءِ هن جا ٻيا به ڪيترائي ڪاروبار آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.