”پاڪستان ۾ دوائون مهانگيون ٿيڻ اڻٽر آهي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني دوا ساز ڪمپنين جي تنظيم پاڪستان فارما سوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته دوائن جي پيداواري لاڳت ۾ واڌ ٿي چڪي آهي ۽ جيڪڏهن فوري طور تي دوائون مهانگيون نه ڪيون ويون ته پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي دوائون ٺهڻ بند ٿي وينديون.

پنهنجي بيان ۾ پي پي ايم اي ترجمان جو چوڻ هو ته ڊالر جي اگهه سان بجلي به مهانگي ٿي آهي جنهن سبب پاڪستان ۾ سمورين دوائن جي پيداواري لاڳت ۾ واڌ ٿي آهي ان لاءِ دوائن يج قيمتن ۾ واڌ اڻٽر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.