پيءَ ملڪيت خاطر زبردستي پرڻائڻ چاهيو ۽ انڪار تي قتل جي ڌمڪي ڏني: دعا زهرا

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪراچي مان لاهور وڃي پسند پرڻو ڪندڙ دعا زهرا ماءُ سان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿيندڙ ملاقات جو قصو ٻڌائي ڇڏيو.

مڙس ظهير احمد سان گڏ پهرئين انٽرويو ۾ دعا زهرا چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي ماءُ کي اهو نه چيو ته مان توهان سان گڏ وڃڻ چاهيان ٿي، ماءُ جج سان ڪوڙ  ڳالهايو.

سندس موجب والدين ملاقات دوران چوندا رهيا ته جج کي چئو اسان سان گڏ وڃڻ چاهين ٿي پر مان انهن کي چيو ته ائين نٿي چاهيان، مان ماءُ کي چيو جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته ٺاهه ڪيو پر ماءُ چيو ته اسان اهڙو ڪجهه نه ڪنداسين، بس تون جج کي اهو چئو جيڪو اسان چئي رهيا آهيون، جنهن تي مان انڪار ڪري ڇڏيو پر والدين جج کي ڪوڙ ڳالهايو ته مان انهن سان وڃڻ چاهيو.

هن چيو ته مون کي ڪنهن به نشو نه ڏنو، نه بليڪ ميل ڪيو ۽ نه زبردستي ۾ بيان ڏياريو، مان پنهنجي مرضي ۽ پسند سان شادي جو فيصلو ڪيو.

دعا زهرا وڌيڪ چيو ته والدين منهنجي شادي سئوٽ سان ڪرائڻ پئي چاهي، ڇو ته منهنجي چاچي وٽ ڊي ايڇ اي ۾ هڪ پلاٽ هو، جنهن تي پيءَ ۽ چاچي ۾ مسئلا هلي رهيا هئا ۽ پيءَ جي خواهش هئي ته منهنجي شادي ذريعي پلاٽ ان جي نالي ٿي وڃي پر مان کيس انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن تي هن مون کي ماريو ۽ ڌمڪي ڏني ته توکي قتل ڪري ڇڏيندس، منهنجي مامي به مون کي ڌمڪي ڏني ته تنهنجي شادي پنهنجي مرضي سان ڪرائينداسين.

سندس چوڻ هو ته مان والدين جي عزت لاءِ خاموش هيس، مون کي حجاب پسند آهي، ان جي ڪري ئي عدالت ۾ پاڻ کي ڍڪي پيش ٿيس ۽ اتي موجود ماڻهو به منهنجي حفاظت لاءِ هئا، ڇو ته اسان عدالت کان تحفظ گهريو هو.

دعا زهرا چيو ته منهنجي حقيقي عمر 17 سال آهي پر والدين منهنجي عمر 3 سال گهٽ لکرائي آهي، جيڪا ميڊيڪل ٽيسٽ ۾ آئي اها عمر بلڪل ٺيڪ آهي.

هن والدين کي درخواست ڪئي ته اسان شادي اسلام موجب ڪئي آهي، مڃان ٿي مون کان غلطي ٿي، جنهن تي معافي گهران ٿي پر درخواست ڪيان ٿي ته والدين دل وڏي ڪري مون کي ۽ ظهير کي قبول ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.