دعا زهريٰ اغوا حساس نوعيت جو ڪيس آهي:شيعا علماءُ ڪائونسل

ڪراچي (رپورٽر) شيعا علماءُ ڪائونسل پاڪستان جي مرڪزي ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري علامه ناظر عباس نقوي چيو آهي ته دعا  زهريٰ جو اغوا حساس نوعيت جو ڪيس آهي،هن حساس ڪيس جي جاچ لاءِ فوري طور تي جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته دعا زهريٰ ڪيس جتي قوم ۾ بي چيني پيدا ڪري ڇڏي آهي اتي رياست جو فرض آهي ته اها هن حساس ڪيس جي نوعيت معلوم ڪري ۽ فوري طور جڊيشل انڪوائري جو حڪم ڏئي.هن چيو ته اسان  نه عدالتي فيصلن تي اثرانداز ٿيڻ چاهيون ٿا نه جاچ ادرن تي شڪ ڪريون ٿا، اسان جو صاف شفاف مطالبو اهو آهي ته جڊيشل  ڪميشن قائم ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته هاڻي هي هڪ خاندان نه پوري قوم جو ڪيس بڻجي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.