خانپورمهر (رپورٽ:ميهرمهر) خانپورمهر واسي مغوي نوجوان آزاد گبول جي وارثن کان ڌاڙيلن پاران 20 لک روپي ڀُنگ طلب، آڊيو رڪارڊنگ هٿ مغوي نوجوان آزاد گبول کي وارثن سان ڳالھه ڪرائي وئي، وارثن سان ڳالھه ٻولهھ دوران مغوي مٿان تشدد ڪيو پيو وڃي ۽ هو روئي رهيو آهي مغوي جا وارث ڌاڙيلن کي منٿون ڪري رهيا آهن ته اسين مسڪين آهيون رحم ڪيو وڃي ڌاڙيل نوجوان جي بازيابي لاءِ 20 لک روپيه ڀُنگ طلب ڪن ٿا ۽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ ڌمڪيون ڏين ٿا واضع رهي ته خانپورمهر جي ڳوٺ رحمت خان گبول واسي نوجوان آزاد گذريل هڪ هفتي کان اغوا ٿي ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهي