هندوستان پابندين هوندي به ايران کان سستو تيل خريد ڪندو ؟

تحرير: پرڏيهي واءُ سواءُ

ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبدالله هن وقت ٽن ڏينهن جي دوري تي هندوستان تي آيل  آهي. هو دورو هڪ اهڙي وقت ۾ ڪري رهيو  آهي جڏهن هندوستاني  حڪومت ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) جي، ٻن ترجمانن جي  پيغمبر اسلام جي باري ۾ گستاخي تي هندستان کي  مسلمان ملڪن ۾ ناراضگي کي منهن ڏيڻو پئجي  رهيو آهي.

جنهن تي ، بي جي پي پنهنجي ٻنهي ترجمانن کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو آهي.ايران ان معاملي تي ڀارتي سفير کي طلب ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو هو، اهڙي صورتحال ۾ ايراني پرڏيهي وزير جي هن  دوري کي وڏي اهميت سان ڏٺو پيو وڃي. ايراني پرڏيهي وزارت موجب دوري جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ سان گڏ علائقائي معاملن ۽ عالمي معاملن تي سهڪار وڌائڻ لاءِ اسٽريٽجڪ ڳالهيون ڪرڻ آهي.هندستاني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اروندم باغچي پڻ ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته  هي دورو اسان جي تاريخي لاڳاپن ۽ ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪندو..ڇا هندوستان هن وقت عالمي پابندين ۾ ڦاٿل ايران کان سستو تيل خريد ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو ؟ان بابت اهو چٽو ناهي ته هن دوري ۾ تيل بابت ڪو ٺوس فيصلو ڪيو ويندو .

2019 کان اڳ ايران هندوستان کي تيل فراهم ڪندڙ ٽيون وڏو ملڪ هو.ايران تي آمريڪي پابندين کانپوءِ هندوستان ايران کان تيل خريد ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو هو،اهڙي صورت ۾ ڇا تيل بابت ڪي نتيجي ڀريون ڳالهيون ٿيون هونديون.؟ هر صورت ۾  هي دورو صرف ٻطرفن معاملن تائين محدود نه هوندو پر ان ۾ معيشيت اهم پوائنٽ هوندي.هندوستاني معيشيت انتهائي ڏکي حالت مان گذري رهي آهي.روس يوڪرين جنگ بعد عالمي منڊي ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ رڪارڊ ٽوڙ اضافو ٿي رهيو آهي،جنهنڪري هندوستان به ٻارڻ جي سمورن اسمن جي قيمتن ۾ اضافو ڪري رهيو آهي.نتيجي ۾ هر شي جي اگهه تي اثر پوي ٿو.

ايران تي آمريڪي پابندين سبب هندوستان 2019ع کان ايراني تيل درآمد  ڪرڻ جي قابل نه آهي، تازي روس يوڪرين جنگ دوران هندستان اولهه جي دٻاءُ باوجود روس کان تيل خريد ڪيو.جنهن کانپوءِ اهو اندازو لڳايو پيو وڃي ته ڀارت ايران جي معاملي ۾ آمريڪي پابندين کي به نظرانداز ڪري سگهي ٿو.

هندوستان  سميت سڄي دنيا ۾ بيروزگاري وڌي رهي آهي. حالت  خراب آهي. ان صورت ۾، هندستان کي جتي به  پنهنجي معيشت کي سنڀالڻ جو موقعو ملندو ان مان ضرورو فائدو وٺندو.جيڪڏهن هندستان کي پنهنجي معاشي ترقي جي شرح کي 6 کان 8 سيڪڙو برقرار رکڻو آهي، ته ان کي سستين قيمتن تي تيل وٺڻو پوندو.هڪ وڏي آباديءَ واري ملڪ هئڻ ڪري خام تيل جي قيمت هڪ ڊالر في بيرل کان به وڌي وڃي ته ان سان ڀارت تي روزانو ڪروڙين رپين جو بار پوندو.

ايران جي جاگرافيائي بيهڪ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هندستان لاءِ ايران کان تيل خريد ڪرڻ ۽ درآمد ڪرڻ  آسان آهي.ايراني تيل لاءِ ڀارت ۾ به ٽي ريفائنريون قائم ڪيون ويون آهن.هندستان ۽ ايران جي وچ ۾ واپار هڪ بارٽر ميڪنزم تحت ڪيو ويو هو. ان تحت هندستاني ريفائنري ڪمپنيون ايران کي هندستاني ڪرنسي ۾ رقم ادا ڪنديون  هيون.اهو سوچيو پيو وڃي ته جيڪڏهن تيل خريد ڪرڻ جو معاهدو ٿيو ته بارٽر سسٽم ٻيهر استعمال ٿي سگهي ٿو.پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا هندستاني حڪومت آمريڪي ناراضگي سهي به اهڙو فيصلو ڪندي ؟

روس جي معاملي ۾ هندستان آمريڪا ۽ اولهه جي دٻاءَ کي نظرانداز ڪندي روسي تيل خريد ڪيو  آهي،هندستان ۾ پيٽروليم جي ماهر نريندر تنيجا جو خيال آهي هندستان ايران تي لڳل بندش جي نرم ٿيڻ جو انتظار ڪندو.ڇاڪاڻ جو اڳ ۾ ئي هو اولهه ۽ آمريڪا کي ناراض ڪري ويٺو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.