نئين خطرناڪ وبا جو خدشو، اڳواٽ تياري نه ٿي ڪجهه نه ڪري سگهنداسين: بل بيٽس

 

مائڪرو سافٽ جي شريڪ باني بل گيٽس چيو آهي ته ڪورونا وبا انسانيت کي مستقبل لاءِ تيار ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪ يو آهي، جنهن مان فائدو نه کنيو ويو ته ايندڙ وبا تباهي آڻيندي.

ٽائم 100 سمٽ سان خطاب ڪندي بل گيٽس چيو ته دنيا کي 3 هزار طبي ماهرن جي هڪ اهڙي عالمي ٽيم تيار  ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪا مستقبل ۾ عالمي وبا جي حوالي سان ملڪن جو ردعمل بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي.

هن چيو ته ماهرن جي اها ٽيم صحت جي عالمي اداري جي ماتحت هجي ۽ ان جي بنيادي ذميواري ملڪن جي انتظامن جي مانيٽيرنگ هجڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته اسان مستقبل ۾ وبائن خلاف عالمي سطح تي تياري لاءِ هر سال هڪ ارب ڊالر خرچن جو ڪاٿو لڳايو آهي، ڪورونا وائرس کانپوءِ ايندڙ وبا ۾ فوتگين جي شرح تمام گهڻي ٿي سگهي ٿي، جيڪا ڪيترن ئي معاشرن جي خاتمي جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

بل گيٽس اڳڪٿي ڪئي ته ايندڙ 20 سالن  ۾ هڪ نئين عالمي وبا جو امڪان 50 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، جيڪڏهن اسان جلدي تياري شروع نه ڪئي ته نئين وبا جي اچڻ کانپوءِ ڪجهه نه ڪري سگهنداسين، جيڪڏهن ڪو هڪ ملڪ به تيار نه ٿيو ته اهو سڀني ملڪن لاءِ مسئلو هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.