ايپل ڪمپنيءَ اوڌر تي آءِ فونز ڏيڻ جو منصوبو شروع ڪري ڇڏيو

مشهور ۽ سڀني جي پسنديده موبائيل فون ڪمپني ايپل جون آءِ فونز هاڻي اوهان اوڌر تي به وٺي سگهندا.

جي ها ايپل ڪمپني پنهنجي واهپيدارن کي اوڌر تي آءِ فونز ڏيڻ جو منصوبو شروع ڪري ڇڏيو آهي.

منصوبي تحت اوهان کي آءِ فون جي قيمت چئن قسطن ۾ ادا ڪرڻي پوندي.

ايپل ”باءِ نائو پي ليٽر“ يعنيٰ هاڻي خريد ڪريو ۽ بعد ۾ ادا ڪريو واري ڪاروبار ۾ شموليت اختيار ڪندي ”ايپل پي ليٽر“ نالي سروس متعارف ڪرائي آهي جنهن کي سولن لفظن ۾ اوڌر واري سروس چئي سگهجي ٿو.

هي سروس هلندڙ هفتي ايپل جي ورلڊ وائيڊ ڊيولپرز ڪانفرنس ۾ شروع ڪئي وئي آهي.

پي ليٽر کي ايپل والٽ ايپ ۾ ضم ڪيو ويندو جنهن سان ايپل واهپيدار ڪابه خريداري ڪري سگهندا.

واهپيدار خريداري جي رقم کي چئن قسطن ۾ ورهائي سگهندا ۽ بنا وياج ۽ ڪميشن جي چئن قسطن واري مدي دوران مڪمل رقم ادا ڪري سگهن ٿا.

ايپل ڪمپني ان کان اڳ واهپيدار جي مالي سگهه جي پڙتال ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.