ڊرامي بازي بند ڪر: دانيا ملڪ کي دڙڪا

عامر لياقت حسين جي لاڏاڻي کانپوءِ دانيا ملڪ مختلف وڊيوز ۾ ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ ڪجهه وڊيوز ۾ روئيندي به نظر آئي آهي.

عامر لياقت جي ٽئين زال دانيا ملڪ نڪاح جي خاتمي لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو هو ۽ عامر لياقت جي لاڏاڻي کانپوءِ هن چيو هو ته سندن ٺاهه لاءِ ڳالهيون ٿي ويون هيون.

هاڻي سندس هڪ نئين وڊيو تي کيس تنقيد جو نسانو بڻايو پيو وڃي.

دانيا ملڪ جي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هو پنهنجي ماءُ سان قرآن پاڪ پڙهي رهي آهي.

وڊيو تي رد عمل ڏيندي سوشل ميڊيا واهپيدارن پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

ماڻهو مٿس تنقيد ڪندي اهو چئي رهيا آهن ته هو ڊرامي بازي بند ڪري.

ياد رهي ته عامر لياقت حسين هلندڙ سال جي شروعات ۾ لوڌران واسڻ 18 ورهين جي دانيا سان ٽئين شادي ڪئي هئي ۽ دانيا ٽن مهينن کانپوءِ نڪاح جي خاتمي ۽ 11 ڪروڙ حق مهر جي دعويٰ ڪري ڇڏي هئي.

ٻئي پاسي عامر لياقت جي جنازي نماز دوران سندس پٽ جي روئڻ واري وڊيو پڻ وائرل ٿي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.