اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي ڀارت ۾ پرامن احتجاج ڪندڙ مسلمانن تي وحشياڻي تشدد جي مذمت ڪئي آهي.
صدر عارف علوي عالمي برادري کان ڀارت ۾ اسلامو فوبيا جي بگڙجندڙ صورتحال جو فوري طور نوٽيس وٺڻ جو مطالبو به ڪيو آهي.
هن چيو ته ڀارت پنهنجون هندوتوا پاليسون، اقليتين کي نشانو بڻائڻ ۽ انهن جي مذهبي جذبن کي مجروح ڪرڻ بند ڪري.
سندس چوڻ هو ته پاڻ سڳورن صه جن جي شان ۾ گستاخي ڪندڙن خلاف ڀارت فوري طور سخت ڪارروائي ڪري.