سڳيون ڀرسان زمين جي تڪرار تان جهيڙو، نوجوان مارجي ويو

سڳيون (رپوٽ: صدورو چنو) سڳيون ڀرسان ڪچي جي منگي ماڙي ٿاڻي جي حد ۾ چنا ۽ منگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ زمين جو تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر ڀڙڪي اٿيو. ٻنيءَ تي ويٺل ٻنهي ڌرين جي هٿياربندن هڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ منگي برادري جي ڌر جو نوجوان گلبهار سيال مارجي ويو.پوليس لاش تحويل وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتول گلبهار  جي ڀاءُ دلي جان سيال جو چوڻ آهي ته اسان جو چوپايو مال محمد چني وارا ڪاهي پئي ويا، ڀاءُ مال ڇڏائڻ لاءِ ويو ته ان کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. هوڏانهن الزام هيٺ ڌر جي محمد چني جو چوڻ آهي ته منگي برادري جا ويهاريل هٿياربند دلي جان سيال ۽ ان جا ساٿي اسان جو چوپايو مال زبردستي ڪاهي وڃي رهيا هئا، جنهن تي جهيڙو ٿي پيو ۽ هنن پنهنجي همراھ کي پاڻ گوليون هڻي قتل ڪيو ۽ خون اسان مٿان مڙھڻ چاهين ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.