عذير بلوچ خلاف رينجرز عملدار اهم بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ لياري گينگ وار جي سربراهه عذير بلوچ خلاف ڌماڪيدار مادو هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ رينجرز جي ڊي ايس آر اهم بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو.عدالت ۾ رينجرز آفيسر  پنهنجي بيان ۾ چيو ته عذير بلوچ جاچ دوران گارڊن ۾ بارود ۽ هٿيار پورڻ جو انڪشاف ڪيو.رينجرز آفيسر موجب نشاندهي تي زمين ۾ پوريل ايل ايم جي، راڪيٽ لانچر، دستي بم، گوليون ۽ ٻيا هٿيار هٿ ڪيا ويا.2016ع ۾ عذير بلوچ جي گرفتاري جي90 ڏينهن جو رمانڊ ورتو ويو .عذير بلوچ لياري گينگ وار جو سربراهه آهي. .جوابدار جي وڪيل طرفان شاهد کان آڏي پُڇا مڪمل ڪئي وئي.عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي وڌيڪ شاهدن کي طلب ڪري ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.