چوهڙ جمالي ۾ چوڪيدار چاچو ڀائيٽي هٿان چوري ڪرائيندي پڪڙجي پيو، گرفتار

چوهڙ جمالي (ن ع آ)چوهڙ جمالي جي حيدري چوڪ ۾ چوڪيدار چاچو ڀائيٽي هٿان چوري ڪرائيندي پڪڙجي پيو , چوهڙ جمالي  شھر جي حيدري چوڪ ۾ حاجي احمد ميمڻ جي ڪنفيڪشنري جي دڪان مان دڪانن تي رکيل چوڪيدار الهڏنو ميمڻ پاران دڪان جا تالا کولي پنهنجي ڀائٽي رياض ميمڻ هٿان چوري پئي ته ڪرائي ته دڪان ۾ لڪي ويٺل همراهن چاچي چوڪيدار ۽ ڀائٽي چور کي سوگهو ڪري دڪان مالڪ ۽ چوهڙ پوليس کي اطلاع ڪيو پوليس موقعي تي پهچي ٻنهي جوابدارن کي ٿاڻي تي کڻي ويئي ان دوران چوڪيدار الهڏنو ميمڻ جي کيسي مان پوڻا ٻه لک روپيه سوني منڊي ۽ ڊپليڪيٽ چاٻين جو ڇڳو هٿ ڪيو ويو آھي.

  • ميرپورساڪري ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 3 ڄڻا زخمي

ميرپور ساڪرو (ن ع آ)ميرپور ساڪري ويجهو ڏاوڙيا بلوچ برادريَ جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، ڪھاڙيون لڳڻ جي ڪري 3 ڄڻا نبي بخش غلام حيدر ۽ نواز سخت زخمي ٿي پيا جن کي شيخ زيڊ ميڊيڪل سينٽر ميرپور ساڪرو آندو ويو جتان ٽنھي ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو.

  • مسڻ وڏي لڳ پورهيت جي ٻڪري چوري

مسڻ وڏي (ن ع آ) مسڻ وڏي لڳ ڳوٺ کيمچند ڪولھي ۾ رهندڙ شگن ڪولھي جي ٻڪري 2 نامعلوم موٽر سائيڪل سوار چور کڻي فرار ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ٻي ٻڪري منھن تي ٽيپ سوليوشن لڳل ڇڏي ويا جنهن جو ساھ تڪليف ذريعي کڻڻ سبب صبح تائين منھن سڄي ويو، ٻڪري جي ماليت 30 ھزار ٻڌائي پئي وڃي.

  • گڏاپ مان هڪ ڦورو گرفتار، چوري ٿيل موٽرسائيڪل، موبائل ۽ سامان هٿ

ملير (ڊ ر)گڏاپ سٽي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي ڪندي هڪ ڦورو گل محمد ولد  صاحب لاشاري کي گرفتار ڪري وٽان هڪ پسٽل، ٿاڻي ڪورنگي جي حد مان چوري ٿيل موٽر سائيڪل، گڏاپ ٿاڻي جي حد مان ڦر ڪيل ٽي موبائل فون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ملير سيد عرفان بهادر صحافين کي ٻڌايو ته ٽي ڏينهن اڳ هڪ پوليس مقابلي دوران جوابدار فرار ٿي ويو هو جيڪو پوليس کي گهربل هو، جنهن کي پوليس انتهائي محنت ۽ ٽيڪنيڪل بنيادن تي جوابدار گل محمد لاشاري کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جيڪو هن کان اڳ ڦر ۽ پوليس مقابلي جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ پڻ گرفتار ٿي چڪو آهي، گرفتار جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.