ڪشمور ۾ گڊو پوليس جي ناجائزين خلاف احتجاج

ڪشمور (ن ع آ) ڪشمور ۾ گڊو پوليس جي ناجائزين خلاف ڳوٺاڻن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو  شهزادو لاشاري دلبر لاشاري  احمد لاشاري غفور مزاري شمن لاشاري ارصلاح لاشاري ڏوايو مزاري ۽ ٻين گڊو ٿاڻي جي پوليس ۽ گنگا ماتا رائيس مل مالڪن خلاف دانھيندي چيو ته گذريل ڏينهن گنگا ماتا رائيس مل تان ٿيل ٽريڪٽر ۽ ٻيو سامان چوري الزام ۾ شق جي بنياد تي گڊو ٿاڻي جي پوليس اسان جي ماڻهن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو ايس ايڇ او اقتدار جتوئي گرفتار ٿيلن جي کي آزاد ڪرڻ لاءِ 50 ھزار ھر ھڪ ماڻھو جا رشوت طور گھريا جنهن بعد ڪورٽ سڳوري معزز جج سول جج وٽ درخواست داخل ڪرائ جج جي حڪم بعد ناحق باندين کي آزاد ڪيو ويو آهي . ھنن چيو اسين پورھيت آهيون گنگا ماتا رائيس مل تان ٿيل چوري ۾ ملوث ناهيون گذريل ڏينهن گنگا ماتا رائيس مل جي منشي بابو لعل مل تي گھرائي اسان جي ماڻهن کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي پوليس بنا جواز ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ چاھي ٿي متاثر ڳوٺاڻن آئي جي سنڌ ڊي آئ جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ کان مطالبو ڪيو ته گڊو پوليس جي ناجائزين جو نوٽيس وٺي گرفتار ٿيل پورهيتن کي بازياب ڪرايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.