لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ڪابينا ۾ واڌ جو امڪان آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته سڀاڻي وڌيڪ 20 وزير حلف کڻي سگهن ٿا.
ذريعن موجب راڻا مسهود، مجتبيٰ شجاع، عمران نذير، طاهر خليل سنڌو، چوڌري اقبال ۽ ياور زمان جي ڪابينا ۾ شموليت جو امڪان آهي.
ان کانسواءِ ڪرنل ريٽائرڊ ايوب، تنوير اسلم،بلال ياسين، سيف کوکر، ذڪريه شاهه نواز، منشا بٽ ۽ جهانگير خانزاده کي به ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪرنل ريٽائرڊ طارق، عظميٰبخاري، ڪاظم علي ۽ نديم ڪامران جي ڪابينا ۾ شموليت جو امڪان آهي.
ان کانسواءِ پيپلزپارٽي جا وڌيڪ ٽي وزير ۽ 2 مشير صوبائي ڪابينا ۾ شموليت ڪري سگهن ٿا.