ڀارتي فيشن ڊيزائينر جو گهر مان لاش هٿ

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) تامل فلمن جي فيشن ڊيزائينر پرٿيوشا گريميلا جو حيدرآباد ۾ واقع پنهنجي فليٽ جي باٿ روم مان لاش هٿ آيو.

پوليس سندس ڪمري کان ڪاربن مونو آڪسائيڊ جي بوتل هٿ ڪري ورتي آهي، شڪ آهي ته ڀرٿيوشا جو موت ان ئي گيس جي ڪري ٿيو آهي.

پوليس فيشن ڊيزائينر جي شڪي موت جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب پرٿيوشا ذهني دٻاءَ جو شڪار هئي، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته پرٿيوشا آمريڪا کان فيشن ڊيزائننگ جي تعليم مڪمل ڪري حيدرآباد ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي.

هن 2013 ۾ پنهنجو فيشن برانڊ متعارف ڪرايو ۽ جلد ئي شهرت جي بلندين تي پهچي وئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.