صبا قمر پاران ٻي شادي جي حمايت:”مڙس لاءِ شوبز به ڇڏي ڏينديس“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا صبا قمر ٻي شادي جي حمايت ڪندي چيو آهي ته مڙس لاءِ شوبز ڇڏڻي پئي تڏهن به ڇڏي ڏينديس.

مشهور پاڪستاني اداڪارا صبا قمر ڇوڪرين جي ٻي شادي جي حميت ڪندي تنقيد ڪندڙن کي سخت جواب ڏنو آهي.

سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ هڪ وڊيو ۾ صبا قمر چوي ٿي ته گهر اندر سڀ بي شرم هوندا آهن ماڻهن جا پنهنجا ڏهه ڏهه چڪر هلندا آهن پر ڇوڪري جي ٻي شادي تي تنقيد ڪندا آهن پر پنهنجن افيئرز تي ڪو احتساب ناهي؟

هن چيو ته ماڻهو اهو ڇو نٿا سمجهن ته ٻي شادي جائز طريقي سان ڪيل آهي؟

ان کان هڪ شو دوران سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شادي کانپوءِ ڏکيو آهي ته اداڪاري جاري رکي سگهان، اداڪاري نه ڪيم ته ٻيو ڪو ڪم ڪري وٺنديس ۽ مڙس لاءِ شوبز ڇڏڻي پئي ته ڇڏي ڏينديس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.