زيڊ ٽي ايِ بليڊ سيريز جا ٻه سستا فون متعارف ڪرائي ڇڏيا

جڪارتا (ويب ڊيسڪ) چيني اسمارٽ فون ڪمپني زيڊ ٽي اي پنهنجي ڪامياب بليڊ سيريز جي ٻن نون فونز کي متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

ٻن فونز اي 72 ۽ اي 52 کي شروعاتي طور انڊونيشيا ۾ متعارف ڪرايو ويو جن کي جلد پاڪستان ۽ ڀارت سميت ٻين ملڪن ۾ پيش ڪيو ويندو.

ڪمپني جي اي 72 ۾6.5 انچ اسڪرين ۽ مين ڪيمرا 13 ميگا پڪسل جي آهي.

موبائيل جي پٺيان ٻه ميگا پڪسل ميڪرو ڪيمرا به آهي جڏهن ته شوقين مين ڪيمرا مان خوش ناهن.

فون جي فرنٽ تي پنج ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا آهي جڏهن ته 6000 ايم اي ايڇ جي بيٽري رکي وئي آهي.

هن جي بيٽري مهانگين فونز کان وڌيڪ طاقتور آهي ۽ وڌيڪ طاقتور چارجر به ڏنو ويو آهي.

فون اينڊرائيڊ 11 تي ڪم ڪري ٿي ۽ پاڪستان ۾ 23 هزار رپين ۾ وڪرو ڪئي ويندي.

اهڙي ريت اي 52 سيريز جي بيٽري 5000 ايم اي ايڇ آهي جڏهن ته ريم 2 جي بي هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.